| مفادن لاءِ سنڌ جي وسيلن کي داءَ تي لڳايو ويو آهي: اياز لطيف |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي تہ قومي عوامي تحريڪ پاران 26 ۽ 27 آئيني ترميم پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن ڪارپوريٽ فارمنگ، بدامني لاقانونيت، منشيات، ميرٽ جي لتاڙ، سنڌ جي وحدت تي حملي خلاف 23 جنوري 2026 جمع جي ڏينهن شام 5 وڳي ٻنون شهر ڀرسان ڊڀو موري اسٽاپ تي محبت سنڌ مچ ڪچهري ۽ جلسہ عام ڪيو ويندو. مھمان خاص قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي سربراھ اياز لطيف پليجو هوندو، محبت سنڌ مچ ڪچهري ۾ سنڌ جا قومي فنڪار وقار ملاح، خوشبو لغاري، منصور خاصخيلي، آچر جوڳي، الغوزي نواز ارباب کوسو سر وکڙيندا. قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته جن فردن کي سماج ۾ صرف سندن سرڪاري عھدي جي ڪري پذيرائي ملي ٿي انھن سوچيو آھي ته ريٽائرمنٽ کان پوءِ سندن ڪارج ڇا ھوندو؟.ھن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي تين وال ڪري ڇڏيو آهي بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ جي لالچ ۾ سنڌ جي وحدت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي گذريل خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌ کنڊر بنيل آھي. غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ نوجوان ۽ عورتون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن.ھن چيو تہ عوام جي حقيقي آواز کي دٻائڻ لاء مصنوعي اشو پيدا ڪيا وڃن ٿا۔