مقابلو خوفناڪ شي قبر کوٽڻ جو! سچ اٿو

مقابلو خوفناڪ شي قبر کوٽڻ جو! سچ اٿو

بڊاپسٽ (انٽريسٽنگ نيوز) هي ڪو مذاق نه پر هڪ سنجيده مقابلو آهي. ها يورپي ملڪ هنگري ۾ هڪ مقابلو ٿيو جنهن جو توهان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو. هنگري جي هڪ قبرستان ۾ قبر کوٽڻ جو مقابلو مزاحيه لڳي ٿو پر هنگري جي نيرگيسوجفالو علائقي ۾ هڪ قبرستان ۾ 38 ماڻهن بيلچن سان قبر کوٽڻ جو مقابلو ڪيو. هنگري جي قبرستانن کي سٺي حالت ۾ رکڻ واري ايسوسيئيشن ۽ مقابلي جي منتظمين جي مطابق قبر کوٽڻ جي مقابلي جو مقصد موت سان لاڳاپيل وهم کي روڪڻ ۽ ماڻهن کي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي. اتر هنگري جي هن قبرستان ۾، 38 ماڻهن کي 19 ٽيمن ۾ ورهايو ويو هو، هر هڪ ۾ 2 ماڻهو هئا. انهن کي بهترين قبر کي تيزي سان کوٽڻو هو. هن مقابلي جي فاتحن، رابرٽ ناگي ۽ سندس ساٿي لاسزلو ڪُس مطابق هن مقابلي ۾ رفتار اهم نه هئي. هن چيو ته جڏهن به توهان تدفين لاءِ قبر کوٽيندا آهيو توهان کي ماپ بابت تمام گهڻو محتاط رهڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ان جي بناوت کي خوبصورت بڻائڻبه ضروري آهي. فاتح ٽيم هڪ ڪلاڪ ۽ 21 منٽن ۾ قبر جي کوٽائي مڪمل ڪئي. هي قبر 1.6 ميٽر ڊگھي، 2 ميٽر ويڪري ۽ 0.8 ميٽر اونهي هئي. کٽيندڙ ٽيم کي 640 ڊالر جو انعام ڏنو ويو.