مقابلي دوران لاڳيتو ڌڪ لڳڻ تي باڪسر جي وگ اکڙي وئي

 مقابلي دوران لاڳيتو ڌڪ لڳڻ تي باڪسر جي وگ اکڙي وئي

نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) مقابلي دوران لاڳيتو ڌڪ لڳڻ تي باڪسر جي وگ اکڙي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي باڪسر جيرل ملر نيويارڪ ۾ هيوي ويٽ مقابلي ۾ حصو ورتو، ميڊيسن اسڪوائر گارڊن ۾ ٿيندڙ هيوي ويٽ مقابلي دوران مخالف باڪسر ڪنگسلي آئيبي جيرل ملر جي مٿي تي لاڳيتو حملا ڪري ڏنا، لاڳيتو حملن جي نتيجي ۾ جيرل ملر جي وگ جو اڳيون وارو حصو اکڙي هيٺ ڪري پيو، جيرل ملر سخت مقابلي بعد ڪاميابي ماڻي ورتي پر وگ ڪرڻ تي کلندو رهيو، 37 ورهين جي باڪسر ڪاميابي بعد رنگ مان وگ  کڻي مداحن ڏانهن اڇلائي ڇڏي. ان حوالي سان جيرل ملر جو چوڻ هو ته مقابلي کان اڳ والدا جي گهر غلطي سان بليچ وارو شيمپو استعمال ڪيو، بليڇ واري شيمپو لڳائڻ سان وار سڙي ويا انڪري مونکي هنگامي بنيادن تي ٽوپي جهڙي وگ لڳرائڻي پئي.