مقدس ڪاري ڪوٽ ۽ ٽاءِ کي داغدار ٿيڻ نه ڏيو: چيف جسٽس

  مقدس ڪاري ڪوٽ ۽ ٽاءِ کي داغدار ٿيڻ نه ڏيو: چيف جسٽس

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت حيدرآباد پھچي ويو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ظفر احمد راجپوت سيشن ڪورٽ ۾ 8 نون عدالتن جي بلاڪ جو افتتاح ڪيو  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سول ڪورٽ ۾ عورت سائين لاءِ نئين ويٽنگ ايريا جو افتتاح ڪيو. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي اعزاز ۾ تقريب ٿي، جسٽس ظفر احمد راجپوت هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن طرفان منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت خطاب ڪندي چيو ته مان پنهنجي وڪالت جي شروعات شهر حيدرآباد مان ڪئي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته اڄ پنهنجي مڌر بار جي بزرگن ۽ نوجوانن کي خطاب ڪري رهيو آهيان جيڪي جونيئر وڪيل ڀائر آهن، اهي زندگي جو اصول بڻائين ته سينيئرز جي عزت ڪرڻي آهي منهنجي خيال ۾ معاشري ۾ وڪيل جو ڪردار قانون جو محافظ هجڻ وارو آهي  مان پنهنجن جونيئر وڪيلن سان مخاطب ٿيڻ چاهيان ٿو وڪيل عدليه جي آزادي جي به حفاظت ڪن ٿا اهو سمجهو ته اسان جو ڪارو ڪوٽ ۽ ڪاري ٽائي هڪ مقدس فريضو ۽ امانت آهي ان کي داغدار ٿيڻ نه ڏيو، نه ته ماڻهن جو عدل تان اعتبار ختم ٿي ويندو اوهين معاشري اندر سوشل جسٽس کي فروغ ڏيو ٿا معاشري ۾ اوهان جو اسٽيٽس هڪ قانوني صلاحڪار جو آهي، ڪنهن به ڪلائنٽ کي غلط رستي تي نه هلايو وڪيل ڪڏهن به پنهنجن ڪلائنٽن کي غيرقانوني صلاح نه ڏين، مون پاڻ به ڪڏهن پنهنجي ڪلائنٽ کي غيرقانوني صلاح ناهي ڏني مان اوهان مان مستقبل جا ظفر احمد راجپوت، انور ظهير جمالِي، غلام رباني ۽ عبدالرسول ميمڻ ڏسڻ چاهيان ٿو