مقروض ملڪ جي ڪٿا

جُولاءِ 2, 2023

                 آءِ ايم ايف پاڪستان کي 2250 ملين ڊالر جو ننڍي عرصي وارو قرض ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙي فيصلي تي ملڪ جي جلد ويندڙ وزيراعظم شهباز شريف پهريون ڀيرو سچ چيو آهي ته، “جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ کي پئسن جي سخت ضرورت هئي پر اها به حقيقت آهي ته قومون ڪڏهن به قرض کڻي ترقي نه ڪنديون آهن”.

                 پوري پاڪستان کي پروڙ آهي ته ميان شهباز شريف ڀلي وڏي ليڊر ٿيڻ جو تمام گهڻو شوق رکندو هجي پر هو ڪنهن به طور تي هڪ داناه سياستدان ناهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي عام عقل وارا انسان به تمام اهم ۽ ڪارائتي ڳالهه ڪري ويندا آهن. هونءَ به قرض سان قومي تعمير نه ٿيڻ واري خيال کي پيش ڪرڻ لاءِ ڪنهن جو جينئس هجڻ ضروري ناهي. هڪ ننڍي عقل ۽ ٿوري علم وارو فرد به آسانيءَ سان ان قسم جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو، ڇو ته اسان جي لوڪ ڏاهپ ۾ قرض جي حوالي سان اڪيچار قول موجود آهن. مجموعي طور تي اسان وٽ چيو ويندو آهي ته، “قرض مرض آهي”. ان حوالي سان صرف پاڪستان نه پر هر اهو ملڪ مريض آهي، جيڪو قرض کان سواءِ پنهنجي جياپي جو تصور نه ٿو ڪري سگهي. جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ قرض تي عياشي ڪرڻ وارن حڪمرانن جو داستان آهي. جيتوڻيڪ ملڪ جو هر حڪمران جنرل يحييٰ ۽ جنرل مشرف جهڙا شوق رکندڙ نه رهيو آهي پر پوءِ به پاڪستان جي حاڪمن تي اردو ٻوليءَ جي عظيم شاعر ۽ ننڍي کنڊ جي تمام وڏي ۽ مشهور مئه نوش شخص مرزا غالب جو هي شعر منڊيءَ جي ٽِڪ وانگر پورو اچي ٿو:

“پيتي ٿي مئه قرض ڪي اور سوچتي ٿي يه

رنگ لائي گي هماري فاقه مستي ايڪ دن”

اهو شعر ملڪ جي مشهور ۽ مثالي آمر پنهنجي حڪمرانيءَ جي پوئين دور ۾ قوم سان مخاطب ٿي اچاريو هو. هونءَ به ويندڙ حڪمرانن کي اڪثر درست خيال ايندا آهن. ان حوالي سان ايندڙ مهيني ڪرسيءَ کان الڳ ٿيندڙ وزيراعظم شهباز شريف کي جيڪڏهن قرض جي حوالي سان حقيقي خيال اچن ٿا ته ان تي حيران ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.

پاڪستان مقروض ملڪ ڇو ٿيو؟ اهو هڪ نهايت اهم ۽ دلچسب سوال آهي. پاڪستان جڏهن وجود ۾ آيو هو، تڏهن پاڪستان وٽ رياستي وهنوار هلائڻ جيترا پئسا به نه هئا. پر تمام جلدي پاڪستان نه صرف پنهنجن پيرن تي بيهي رهيو پر پنهنجن مخالف ملڪن لاءِ پيڙا پيدا ڪندو، ترقيءَ جا تڪڙا ڏاڪا به چڙهڻ لڳو. پاڪستان پنهنجي ابتدا ۾ قرض وٺڻ جو قائل نه هو، پر جڏهن وزيراعظم لياقت علي خان پاڪستان کي آزاد پرڏيهي پاليسيءَ جو مالڪ ملڪ بڻائڻ بدران آمريڪا سان “سيٽو” ۽ “سينٽو” جا معاهدا ڪيا ۽ آمريڪي امداد سبب سرد جنگ ۾ آمريڪا جو اتحادي ٿيو ته پاڪستان کي پاڻ محنت نه ڪرڻ ۽ امدادن تي گذر سفر جي اها پِٽ پئجي وئي، جيڪا هن نوجوان ملڪ جا مَم وانگر گوڏا چَٽي وئي. سرد جنگ جي پوري دور ۾ پاڪستان پنهنجا ملڪي ۽ رياستي مفاد داءَ تي رکي امدادن جي برسات ۾ نچندو ڪڏندو نظر آيو ۽ ان امداد سان ملڪ ۾ ترقيءَ جا منصوبا قائم ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي وئي. پاڪستان جي امداد پسند حڪمرانن ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته ڪو وقت اهڙو به ايندو جو سوشلسٽ بلاڪ ختم ٿي ويندو ۽ آمريڪا پنهنجن اتحادين سميت پاڪستان مان هٿ ڪڍي ويندو.

ڏکڻ ايشيا جي اهم ملڪ جا ڏک تڏهن کان شروع ٿيا، جڏهن سوشلسٽ بلاڪ جو وجود لوڻ پاڻي ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ امدادن جا سلسلا رڪجي ويا. پاڪستان کي جيڪڏهن معلوم هجي ها ته افغان جنگ سبب هو معاشي طور تي تمام گهڻي تڪليف ۾ اچي ويندو ته شايد هو ان حد تائين نه وڃي ها، ڇو ته هر ملڪ کي پنهنجا وسيلا سدائين ساوا ۽ کڙا تڙا رکڻ جي صرف خواهش نه پر اها هن جي ضرورت به هوندي آهي. ڪنهن ملڪ وٽ تيل هوندو آهي ۽ ڪنهن ملڪ وٽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تمام وڏي طاقت هوندي آهي. پاڪستان وٽ نه ته سعودي عرب وانگر تيل آهي ۽ نه وري آمريڪا ۽ يورپ وانگر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي قوت! پاڪستان وٽ صرف عالمي طاقتن جي مفادن وارين پاليسين تي هلي امداد حاصل ڪرڻ جو ڏانءُ رهيو آهي ۽ اها صلاحيت ئي پاڪستان جو رياستي وسيلو رهي. پر اهو وسيلو سرد جنگ کان پوءِ ڪنهن درياه وانگر سُڪي ختم ٿي ويو. اهڙي طرح اهو ملڪ، جيڪو ڪڏهن امدادي ڊالرن سان کيڏندو هو، ان کي قرضن طرف وڃڻو پيو.

امداد کان قرض تائين پاڪستان جو سفر هن جي معاشي تباهيءَ جي ڪربناڪ ڪهاڻي آهي. ابتدا ۾ ته پاڪستان کي قرض آسانيءَ سان ملي ويندو هو پر جڏهن قرض ڏيڻ وارن ادارن ڏٺو ته هي ملڪ موٽائڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي ۽ اهو مسقتل طور تي وٺندو ئي رهي ٿو ته انهن ادارن پاڪستان جي مٿان پنهنجي پسند جا سخت شرط عائد ڪرڻ شروع ڪيا ۽ اهي شرط وقت سان گڏ نرم ٿيڻ بدران تمام گهڻا سخت ٿيندا رهيا. اڄ پاڪستان جو اهو حشر آهي جو هو آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جي لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل بجيٽ جا بنياد ان اداري جي مرضيءَ مطابق تبديل ڪري ٿو، جنهن اداري جي حوالي سان صرف هيءَ حڪومت نه پر هن کان اڳوڻي حڪومت به ڪنن کي هٿ لائي توبهه ڪندي هئي. جنهن به پاڪستاني حڪومت جو وفد آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ ويو آهي، ان اهو اعتراف ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي توهين ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. آءِ ايم ايف جا شرط تسليم ڪري هر حڪومت غيرمقبول ٿيڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏيندي رهي آهي. هيءَ حڪومت ته پهرين ڏينهن کان وٺي پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي اکين ۾ عزت ۽ پيار واري حڪومت قطعي طور تي نه رهي آهي.

هن ملڪ جي حڪمرانن جو هاڻي اهو وهم تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي ته هي ملڪ ڪو هو هلائين ٿا. آءِ ايم ايف جهڙي قسم جو اسٽائيل رکيو آهي ۽ جهڙي نوعيت جا هوءَ هن ملڪ مٿان پنهنجا فيصلا مڙهي ۽ مسلط ڪري رهي آهي ته ان مان  اهو تاثر به پيدا ٿي رهيو آهي ته هاڻي هي ملڪ ان قوت جي هٿن ۾ ان ريت نه رهيو آهي، جنهن ريت ڪجهه وقت تائين بيان ڪيو ويندو هو.

ملڪ جو مشهور مقرر مرحوم معراج خان اڪثر پنهنجين تقريرن ۾ چوندو هو ته جيڪو ملڪ به پاڻ کان وڏي قوت سان ڪو معاهدو ڪندو آهي، اهو ملڪ اصل ۾ پنهنجي آزادي ۽ خودمختياريءَ جو هڪ حصو ان قوت وٽ گروي رکندو آهي. جڏهن ته آءِ ايم ايف اهو عالمي سودخور آهي، جنهن پنهنجي هر ادا سان اهو محسوس ڪرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ته هاڻي پاڪستان وٽ گروي رکڻ جي لاءِ هن جي آزادي ۽ خودمختياري جي هام به نه رهي آهي. ڇو ته جهڙي طرح پاڪستان هر قسم جا شرط تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر آءِ ايم ايف پوءِ به هن کي قرض اهڙي انداز سان ڏئي رهي آهي، جنهن انداز سان ڪنهن کي سزا ڏبي آهي.

پاڪستان جي هر حڪومت تمام گهڻي توهين برداشت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن آءِ ايم ايف کان قرض وٺي ايندي آهي ته هن جي منهن تي مسرت هوندي آهي. پر هن حڪومت جي ڪنهن به ننڍي وڏي وزير جي مک مٿان خوشيءَ جو ڪو آثار ناهي. ان جو مطلب اهو ناهي ته هن حڪومت جو اوچتو ضمير جاڳي پيو آهي ۽ هيءَ حڪومت آءِ ايم ايف کان آزاد ٿيڻ جو انقلابي فيصلو ڪري چڪي آهي. هن حڪومت کي قرض ملڻ جي باوجود به جيڪڏهن افسوس آهي ته ان جو سبب حڪومت جو ختم ٿيندڙ مدو آهي.

پاڪستان جا مهمان حڪمران سوچي رهيا آهن ته بيعزتيون اسان برداشت ڪيون ۽ ڊالر ملندا نگران حڪومت کي! جيڪڏهن وقت ۽ حالتن جي نوعيت اکين ۾ رکي ڏٺو وڃي ته اسان کي اهو به سمجهه ۾ اچي ويندو ته آءِ ايم ايف ڄاڻي واڻي قرض ڏيڻ ۾ دير ڪئي، ڇو ته آءِ ايم ايف کي به اهو خدشو هو ته هي حڪمران قرض وارن ڊالرن سان اهوئي حشر ڪندا، جيڪو ڪرڻ ۾ هو وسيع تجربو رکن ٿا. جڏهن ته آءِ ايم ايف جي نظر ۾ ملڪي چونڊ به هئي. ملڪي چونڊ جي لاءِ به ته آخر ناڻو گهرجي. ان مان اهو سمجهڻ گهرجي ته نون مهينن وارو هي مختصر مدي تائين محدود قرض ان لاءِ ڏنو ويو آهي ته جيئن پاڪستان في الحال چونڊون ڪرائي ۽ جڏهن پنجن سالن جي لاءِ نئين حڪومت ايندي ته ان سان معاملا طئه ڪيا ويندا. آءِ ايم ايف جي اهڙي سوچ هن جي موجوده فيصلي مان بنهه عيان آهي.

ملڪ نئين چونڊن جي طرف وڌي رهيو آهي ۽ نالي ماتر جمهوريت جو سفر جاري رکڻ لاءِ عالمي مالي اداري ڪجهه خرچ پکو به جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته هن ڀيري چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياسي پارٽين جو سڀ کان وڏو نعرو اهو هوندو ته هو پاڪستان کي قرض جي مرض مان ڪڍي هڪ آسودو ۽ آبرو وارو ملڪ بڻائڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏينديون. پر سوال اهو آهي ته ڇا عوام بار بار آزمايل سياسي پارٽين ۽ انهن جي سربراهن جي اهڙي نئين دعويٰ تي اعتبار ڪندا؟ جڏهن ته ملڪ جي عوام ۽ سياستدانن جو پاڻ ۾ جيڪو رشتو رهيو آهي، اهو پڻ غالب جي ان شعر جو عڪس آهي:

“تيري وعدي په جيي هم، تو يه جان جهوٽ جانا

ڪه خوشي سي مر نه جاتي، اگر اعتبار هوتا”

قرض جي مرض ۾ مبتلا هن ملڪ جو مظلوم ۽ محڪوم عوام هن ڀيري به عيار ۽ مڪار سياستدانن کان “هڪ ٻيو دوکو” کائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ۽ ماضيءَ جو ذلتون ۽ شڪستون فراموش ڪري هو پولنگ بوٿن تي ووٽ وجهڻ ايندا پر ان قربانيءَ جي موٽ ۾ ڇا پاڪستان جا کاٽو پُٽ ان سادي سوال جو جواب ڏيندا ته جيلن ۾ رهندڙ ۽ سياسي ريلن ۾ هلندڙ سياسي مسافرن وٽ آخر اهو ڪهڙو جادو آهي جو ايتري گهڻي عتاب ۽ عذاب ۾ رهندي به هو امير ٿيندا رهيا آهن؟ آسانيءَ سان امير ٿيڻ جي اها ترڪيب ڪهڙي آهي؟

Leave A Comment