مقصودو رند: آئيس جي نشي نوجوان کان زندگي کسي ورتي

مقصودو رند: آئيس جي نشي نوجوان کان زندگي کسي ورتي

مقصودو رند (ن پ ا) مقصودي رند ڀرسان ڳوٺ محرم خاصخيلي ۾ آئيس جي نشي نوجوان کان زندگي کسي ورتي، 40 سالن جي شادي شده نوجوان ديدار علي خاصخيلي ڇت واري پکي ۾ تار ٻڌي ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، رابطي تي وارثن جو چوڻ ھو ته آئيس جي نشي اسان کان نوجوان کسي ورتو، ديدار آئيس جو نشو ڪندو ھو،  گھر ۾ جھيڙو روز جو معمول ھو، حڪومت منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ته جيئن ڪنھن جو گھر برباد نه ٿئي