| مقصودي رند ويجهو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ مقصودو اليون ڪامياب |
مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند ويجھو ٽيون سورھيه بادشاھ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري آهي. ٽورنامينٽ جي نائين مئچ ۾ مقصودو رند اليون ڪامياب ڳوٺ سھجو رند ۾ ٽورنامينٽ جي چئيرمين مدد علي رند وائيس چيئرمين مظفر علي رند جي زيرنگراني ميچ ۾ امان الله ڏاھري اليون مقصود رند اليون کان ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مقصود رند اليون غلام قمبر جي 84 رنسن جي مدد سان مقرر 10 اورن ۾ 189 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ امان الله ڏاھري اليون جاني ڏاھري جي 22رنسن جي مدد سان 115 ٽيم رنسون ٺاهي سگھي. بھترين بيٽنگ ۽ بالنگ ڪرڻ تي عمران سروري کي غلام مرتضيٰ رند مين آف ميچ ڏنو