ممبئي ( شوبز نيوز) ناليواري اداڪار ارجن ڪپور ۽ ملائيڪه اروڙا ۾ ڪيتري ئي عرصي کان لاڳاپن جي حوالي سان خبرون عام آهن ۽ ملائيڪه جي حمل جي حوالي سان به بحث جاري آهي
اداڪار ارجن ڪپور اهڙي بحث تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي، هن چيو آهي ته ڪنهن جي لاءِ ناڪاري شيون ڳالهائڻ تمام گهڻيون سوليون آهن ۽ انهن ڏانهن ماڻهو ڌيان به ڏيندا آهن
هن چيو ته آءُ ۽ ملائيڪه اداڪار آهيون اسان جي پروفيشنل ۽ پرائيويٽ زندگي ۾ فرق آهي جنهن جو ميڊيا کي خيال رکڻ گهرجي
ارجن چيو ته اداڪار به انسان آهن جيڪڏهن انهن جي باري ۾ ڪجهه لکيو وڃي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کان تصديق ڪئي وڃي
ياد رهي ته نومبر 2022ع کان بحث هلي رهيو آهي ته ملائيڪه ارجن جي ٻار جي ماءُ بڻجڻ واري آهي جنهن تي ارجن ڪپور خاموش هو