ملازمه نينگري تي تشدد: والدا سول جج جي ٺاهه واري آڇ رد ڪري ڇڏي

جُولاءِ 26, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) سول جج جي گهر ۾ تشدد جو نشانو بڻيل ملازمه نينگري جي والده سان جج جو رابطو، ٺاهه ۽ رقم جي آڇ، نينگري جي والده آڇ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

 نينگري جي امڙ چيو آهي ته اسان ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين، جج کي چيو ته توهان عدالتن ۾ انصاف ڪندا آهيو، هاڻي پنهنجي ڪيس ۾ به انصاف ڪريو

هن چيو ته جج جي گهرواري پنهنجي گهر ۾ ٻارڙي تي مبينا تشدد ڪيو، 14 ورهين جي نينگري جي جسم تي زخمن جا نشان هئا، ڦٽن ۾ جيت پئجي ويا، لاهور جي جنرل اسپتال ۾ ٻارڙي جي علاج لاءِ 12 رُڪني ميڊيڪل بورڊ به جوڙيو ويو

سندس چوڻ هو ته  اسلام آباد جي سول جج جَي گهر ۾ 24 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ جا 10 هزار روپيا ڏنا ويندا هئا، جج عاصم حفيظ جي گهرواري 14 ورهين جي رضوانه تي ڏنڊن ۽ چمچن سان تشدد ڪيو، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود گرفتاري عمل ۾ نه آئي

Leave A Comment