| ملاقات توهان جو حق آهي، سياست نه ٿيڻ گهرجي: راڻا ثناءَ |
اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءَ الله علي امين گنڊاپور ڪجهه شيون ڪرڻ کان انڪار ڪيو ان لاءِ کيس هٽائي سهيل آفريدي کي آندو ويو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جيل رولز 265 ۾ لکيل آهي ته ملاقاتن ۾ سياست بحث هيٺ نه ٿي اچي سگهي، باني پي ٽي آءِ جي پنهنجي ڀيڻ سان هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ملاقات ٿي، خاندان ۽ وڪيلن سان ملاقات توهان جو حق آهي، مگر سياست نه ٿيڻ گهرجي، راڻا ثناءَ وڌيڪ چيو ته پهرين باني جي بشريٰ بي بي سان ملاقات ٿي ان کانپوءِ عظمي خان ۽ بشريٰ بي بي هڪ ڪلاڪ تائين گڏيل ملاقات ڪئي. سڪيورٽي جي ڪري باني پي ٽي آءِ سان گڏ ڪنهن کي بند نٿو ڪري سگهجي، کاڌو پهرين ڊاڪٽر چيڪ ڪري ٿو پوءِ باني پي ٽي آءِ کي ڏنو ويندو آهي. پروگرام ۾ موجود بيرسٽر علي ظفر چيو ته حراست هيٺ ماڻهن جي حقن بابت بل سٺو آهي، جيڪڏهن اسان ايوان ۾ هجون ها ته ان تي غور ڪريون ها.