ملاڪاتيار ويجھو پکين جي شڪار تان ڳوٺاڻو قتل، جوابدار زخمي، لاش رکي ڌرڻو

ملاڪاتيار ويجھو پکين جي شڪار تان ڳوٺاڻو قتل، جوابدار زخمي، لاش رکي ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان/بلڙي شاهه ڪريم(رپورٽ: قاضي شمس ٻانڀڻ/اويس ملاح) ملاڪاتيار  لڳ  پاڻي جي ڍنڍ تي مهمان  پکين جي  شڪار تان  45 ورهين جي ڳوٺاڻي کي شڪار تي آيل بااثر  هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ، مهمان ۽ ناياب پکين جي شڪار تان 45 ورهين جو ڳوٺاڻو حسين ملاح فائرنگ دوران بيدردي سان قتل ٿي ويو. واقعي کان پوءِ ڳوٺاڻي جا وارث لاش پنهنجي ڳوٺ مير محمد جماري کڻائي ويا، جتان وري لاش کڻي ٽنڊو محمد خان جي سجاول _ بلڙي شاھ ڪريم روڊ تي ڪپور موري وٽ پوليس پوسٽ سامهون رکي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب پنجن ضلعن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ مڪمل معطل ٿي وئي. مقتول حسين ملاح جي پيرسن پيءُ جمعون ملاح، ڀاءُ امير ملاح، ناٺي انور ملاح، سوٽ برادي ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺاڻي کي بنا جواز جي پکين جي شڪار جي نالي ۾ بااثر شخص  جي هلندڙ شڪار دوران سندس ڪمدار ناظم ملاح، جعفر جماري ۽ ٻين فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي. جنهن ۾ قتل واري واقعي کانپوءِ لاش ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. اسان سان انصاف نه ڪيو ويو ، واقعي جي ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي ۽ جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته اسان ڌرڻو جاري رکنداسين. احتجاج دوران ڊي ايس پي بلڙي شاھ ڪريم علي شير شر ، ڊي ايس پي ٽنڊو محمد خان عبدالرئوف ارباب ۽ ٻين اهلڪارن مظاهرين سان ڳالهين ڪرڻ کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ سندن مرضي موجب ايف آءِ آر ۾ جوابدارن جا نالا ڏيڻ ۽ گرفتاريون عمل ۾ آڻڻ جو يقين ڏياري ٽن ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.  قتل ٿي ويل ڳوٺاڻو حسين ملاح ڳوٺ مير محمد جماري جو رهواسي هو جنهن پنهنجي پويان هڪ بيواھ ، پنج پٽ ، هڪ نياڻي سوڳوار ڇڏي آهي. قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي جي لاش کي سرڪاري اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ،
 

ٽنڊو محمد خان: بلڙي شاھ ڪريم جي ملاڪاتيار ويجهو مهمان پکين جي شڪار دوران  هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل 45 سالا حسين ملاح جي ايف  آء آر  داخل  ڪئي وئي آهي. خبر موجب  هٿياربندن  جي فائرنگ مارجي مارجي ويل 45 سالا حسين ملاح جي ايف آئي آر سندس والد جمعو ن ملاح طرفان داخل ڪرائي وئي آهي. داخل ڪيل  ايف آئي آر م مک جوابدار ناظم ملاح، حبيب جماري ۽ گلي جماري   کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. قتل  واري واقعي م  قلم .H234 ppc 302.337 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن قتل ٿي ويل حسين ملاح جي پي جمعو ملاح جو چوڻ آهي ته   حسين ملاح زرعي زمين تي ويل هو. جنهن بعد اسان فائرنگ جا آواز ٻڌا  جنهن تي ٻاهر وياسين ته مٿيان مذڪوره ٽئي جوابدار فرار ٿي رهيا هئا  جنهن بعد اسان لاش کڻائي آياسين.  .
 

واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل ڪمدار ناظم ملاح زخمي حالت ۾گرفتار

ٽنڊو محمد خان/بلڙي شاهه ڪريم:  واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل هڪ جوابدار کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ  ڪئي آهي. ان ڏس ۾ واقعي بعد قتل ۾ ملوث ڄاڻايل هڪ جوابدار ناظم ملاح کي پڻ زخمي حالت ۾ ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جنهن کي شڪار جي بندوق جا ڇيرا لڳل هئا، بلڙي شاھ ڪريم پوليس جوابدار کي اسپتال مان پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ڊي ايس پي بلڙي شاھ ڪريم علي شير شر ٻڌايو ته واقعي جي مک جوابدار ناظم ملاح کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو  آهي، جيڪو پاڻ کي زخمي حالت ۾ ايمبولينس ذريعي سرڪاري اسپتال کڻائي آيو هو جنهن کي سندس عزيز حيدرآباد اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا جنهن کي اسان گرفتار ڪرائي ورتو آهي. فريادي ڌر جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي . هوڏانهن آخري اطلاع تائين واقعي بابت ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي ، پوليس حراست ۾ ورتل هڪ جوابدار کان وڌيڪ ٻي ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي .
 

گرفتار جوابدار ناظم ملاح پ پ اڳواڻ قبول شاهه جي پٽ، يوسي چيئرمين شير يزدان جو ڪمدار
 

ٽنڊو محمد خان/بلڙي شاهه ڪريم: گرفتار جوابدار ناظم ملاح پ پ اڳواڻ، اڳوڻي صوبائي وزير سيد قبول محمد شاهه جي پٽ يوسي سعيد پور جي چيئرمين سيد شيريزدان شاهه جو ڪمدار آهي. کائنس موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر رابطو ٿي نه سگهيو.