| ملاڪاتيار ڀرسان سنڌو درياهه مان اڻڄاتل نوجوان جو لاش هٿ |
ملاڪاتيار (ن پ ا) بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان ملاڪاتيار ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد دل وٽ اڻڄاتل شخص جو لاش ڏسي مقامي ماڻهن ملاڪاتيار پوليس کي اطلاع ڏنو، اطلاع بعد پوليس پهچي لاش سماجي رضاڪارن جي مدد سان پاڻي مان ٻاهر آڻي ٽنڊومحمدخان اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي ضروري ڪارروائي بعد سڃاڻپ نه ٿيڻ لاش امانت طور سردخاني ۾ رکيو ويو آهي، ملاڪاتيار پوليس روزاني پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڊاڪٽرن موجب لاش نوجوان جو آهي جنھن جي عمر 20 کان 25 ٿي سگهي ٿي، لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.