| ملاڪاتيار ۾ شڪار گاهه تي قتل ٿيل ڳوٺاڻي جي وارثن جو ڌرڻو، روڊ بلاڪ |
ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) بلڙي شاھ ڪريم ويجهو شڪار گاھ تي قتل ٿي ويل 45 سالا ڳوٺاڻي حسين ملاح جي وارثن طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٻي ڏينهن رات ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ملاڪاتيار جي پکين واري شڪار جي ڍنڍ تي 45 سالا ڳوٺاڻي حسين ملاح کي گذريل ڏينهن بيدردي سان قتل ڪري لاش ڦٽو ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ هٿياربند جوابدار فرار ٿي ويا هئا وارثن جي احتجاج بعد قتل جي ايف آءِ آر گذريل رات بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ قتل ٿيل حسين ملاح جي پيرسن والد جمعون ملاح جي فرياد تي ٽن جوابدارن ناظم ملاح ، حبيب جماري ۽ گلي جماري کي نامزد ڪيو ويو هو ، پوليس طرفان جوابدار گرفتار نه ڪرڻ تي وارثن وري رات دير سان ٽنڊو محمد خان بلڙي شاھ ڪريم روڊ تي ڪپوري موري پوليس پوسٽ آڏو روڊ تي رڪاوٽون پيدا ڪري ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي ، ڌرڻي ۾ متاثر خاندان جي امير ملاح ، انور ملاح ، برادي ملاح ، ملاح فورم جي ضلعي صدر منصور ملاح ، محرم ملاح ۽ ٻين الزام لڳايو آهي ته بلڙي شاھ ڪريم پوليس بااثر شخص جي مداخلت سبب سندس نالو ايف آءِ آر ۾ ڀڇ ڪرڻ کان لڪائي ڇڏيو هو جنهن کانپوءِ سمورن جوابدارن کي بااثر شخص پنهنجي اوطاق تي ويهاري ڇڏيو آهي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ کين قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ضمانت ڪرائڻ جو موقعو ڏنو وڃي پيو جنهن جي ڪري مجبور ٿي وري احتجاجي ڌرڻو هنيو آهي ، گذريل رات وارثن کي اهو چئي ڌرڻو ختم ڪرايو ويو هو ته قتل جي ايف آءِ آر جا سمورا جوابدار گرفتار ڪرايا ويندا ۽ سندن مرضي سان ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي پر ان جي ابتڙ ايف آءِ آر ۾ ڀڇ ڪندڙ بااثر شخص کي شامل نه ڪيو ويو ۽ هاڻي جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي ، بلڙي شاھ ڪريم جي ڊي ايس پي وزير علي شر ٻڌايو آهي ته اسان ايف آءِ آر بعد مک جوابدار ناظم ملاح جي گرفتاري ظاهر ڪئي آهي رهجي ويل ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي جلد گرفتايون عمل ۾ آنديون وينديون .