ملا منصور کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ سينيٽر

   ملا منصور کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ سينيٽر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪميٽي آغا شاهزيب دراني کي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽيءَ جو نئون چيئرمين چونڊي ورتو.  آغا شاهزيب دراني جو تعلق پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان آهي۔ سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ ڳالهائيندي چيو ته هي سينيٽ جي انتهائي اهم ڪميٽي آهي۔ اسان گڏجي هن ڪميٽي جي ڪارروائين کي اڳتي وڌائينداسين۔ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي ملڪ کان ٻاهر ويندڙ شهرين جي دستاويزن جي تصديق وارو مسئلو اٿاريو۔ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هزارين پاڪستاني روزانو دستاويزن جي تصديق لاءِ پريشان ٿين ٿا۔ ماڻهو رات کان صبح تائين روڊن تي انتظار لاءِ سمهندا آهن، پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين کي به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پرڏيهه ۾ 200 ڊالر رشوت ڏئي پاڪستانين جا ڪم ٿين ٿا، هر پاسي فراڊ ۽ مسئلا آهن. سينيٽر ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته طالبان ڪمانڊر ملا منصور جي مارجڻ وقت هڪ پاڪستاني پاسپورٽ برآمد ٿيو. سينيٽر عطاالرحمان سوال اٿاريو ته مسئلو اهو آهي ته ملا منصور کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڪنهن ڏني.