ملتانيءَ جي ملتان سان ملاقات … حيدر جاويد سيد

                 اسان ملتاني ماڻهن جي پهرين ۽ آخري محبت ملتان ئي آهي۔ يقيناً ٻيا ماڻهو به پنهنجي پنهنجي جنم ڀوميءَ سان محبت ڪندا هوندا، ۽ ڪرڻ به گهرجي، پر ملتاني ماڻهن جو معاملو ڪجهه الڳ ۽ “نرالو” آهي۔ ملتاني ماڻهو ملتان ۾ رهي يا ملتان کان ٻاهر دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾، هو ملتان کان جدا رهي ئي نٿو سگهي۔ پنهنجي اندر ملتان کي آباد ڪري خوش ۽ سرشار رهندو آهي۔

                 سيني کان سيني تائين منتقل ٿيندڙ روايت آهي ته اڳي جڏهن ڪو ملتاني پنهنجي ئي شهر جي هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن روانو ٿيندو هو ته گهٽي ۽ پاڙي جي موڙ تائين گهر وارا ساڻس گڏ ايندا هئا۔ ۽ جيڪڏهن شهر کان ٻاهر وڃڻو هجي ته گهر وارن سان گڏ سنگتي ساٿي به ريلوي اسٽيشن يا بس اسٽينڊ تائين گڏ هلندا هئا۔ سفر تي روانگيءَ جي انهن لمحن سان جڙيل جيڪي ڳالهيون اسان جي نسل تائين پهتيون آهن، سي ڏاڍيون دلچسپ آهن۔ اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيون ته چهري تي مرڪ رقص ڪرڻ لڳي ٿي ۽ اداسي دل جي گهراين تائين لهي وڃي ٿي۔

اسان ملتاني ماڻهن جي نئين ٽھي انهن سيني بہ سيني منتقل ٿيندڙ روايتن کان شايد اڻواقف هجي، پر ملتان سان انهن جي محبت به مثالي آهي۔ ملتان ملتاني ماڻهن جو ڪل جهان آهي، ۽ ڇو نه هجي؟ هڪ يا ٻه نه، معلوم تاريخ جي پنجن ستن هزار سالن کان زنده ۽ تابنده شهر آهي هي۔ اسان جا وڏا ته دعا ڏيندي به چوندا هئا:

“ويڙھا وڏن ملتانين جا قيامت تائیں”۔

هاڻي توهان به سوچي رهيا هوندا ته هي ليکڪ اوچتو ملتان جو ذڪر ڇو کڻي ويٺو آهي۔ مولا خير ڪري، اسان جو وس هلي ته هر وقت ملتان جو ئي ذڪر ڪندا رهون، يار جي ذذڪر وانگر۔

اسين اڃا ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي جنم ڀوميءَ ۾ چار ڏينهن گذاري واپس آيا آهيون۔ هي واپسي روزگار ۽ گهريلو مجبورين، يا ائين چئجي ذميوارين سان سلھاڙيل آهي۔ ملتان منهنجو ئي جنم شهر ناهي، هي اسان جي امڙ سائنڻ جو به جنم شهر آهي۔ انهيءَ نسبت سان اسين ان کي “امڙ جو شهر” چوندا ۽ لکندا آهيون۔ اسين ملتاني به عجيب مخلوق آهيون۔ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان ملتان ڏانهن سفر شروع ڪريون ته دل چوندي آهي ته نچندا، ڌمال هڻندا ملتان تائين پهچون۔ پر جڏهن واپسيءَ جو سفر شروع ٿيندو آهي ته پنهنجن وڏڙن وانگر ملتان کان وڇوڙي جو ڏک چهري تي لکيل هوندو آهي، جيڪو هر ڪنهن کي صاف نظر ايندو آهي۔ پنبڻيون پسي ٿيون وڃن. جڏهن به مان ملتان مان واپس موٽڻ لڳندو آهيان ته مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ پنهنجو ئي لاش ڪلهن تي کڻي هلي رهيو هجان۔ هاڻي به امڙ جي شهر ۾ چار ڏينهن گذاري پنجين ڏينهن جڏهن روانو ٿيس ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ جسم کي گهلي واپس وٺي وڃي رهيو اهجان ۽ روح ملتان ۾ ئي رهجي ويو هجي۔

هاڻي مان 67 سال گذاري 68هين سال ۾ داخل ٿيو آهيان۔ منهنجي دل چوي ٿي ته هاڻي رڳو ملتان هجي، ان جون گهٽيون، پاڙا، ۽ ملتاني دوست هجن۔ هر صبح اٿان ته سڀ کان پهرين پنهنجي امڙ سائنڻ جي تربت تي حاضري ڏيان، ڀينرن جي قدم بوسي ڪريان، پوءِ شهر ۾ گهمان، دوستن سان ملان۔ ملتان ۽ تاريخ سان لاڳاپيل بيشمار موضوعن تي ڳالهيون ٿين ۽ ڪچھري جاري رهي۔ پر هي رزق ۽ ان جا وسيلا ماڻهوءَ کي سڪون سان جيئڻ ئي ڪٿي ٿا ڏين۔ هونئن به ھاڻي جيڪي حالتون آھن، انھن ۾ ماڻهو سڪون سان مري به نٿو سگهي، ڇاڪاڻ⁠ تہ مرڻ کان پوءِ پوئنيرن تي خرچن جو بار وڌي وڃي ٿو۔

تمهيد ڪجهه ڊگهي ٿي وئي، پر ڳالهيون ته ملتان جون ئي ڪرڻيون هيون ۽ ڪرڻيون آهن۔ سبب اهو ئي آهي ته اڃا تازو ئي پورا چار ڏينهن ملتان ۾ گذريا۔ امڙ جي تربت تي حاضري ڏني، ڀينرن جي قدم بوسي ڪئي، دوستن سان ملاقاتون ٿيون، کوڙ ساريون ڳالهيون ٿيون۔ انهن سمورين مصروفيتن دوران پياري ڀاءُ شاڪر حسين شاڪر، ھميشه جيان، هن طالبعلم جي مطالعي جي رزق طور ڪجهه ڪتاب کڻي ملڻ آيو۔ گذريل ملتان ياترا دوران هن ڇهه ڪتاب عنايت ڪيا هئا، ۽ هن ڀيري پورا پنج ڪتاب تحفي طور ڏنائين۔ انهن پنجن ڪتابن ۾ ڊاڪٽر هارون پاشا جي تصنيف “ملتان ڪي کوج” (مين اور مير ملتان) به شامل هئي۔ هن ڪتاب جا 200 صفحا مون ملتان کان لاهور تائين ساڍن چئن ڪلاڪن جي سفر دوران پڙهي ورتا۔ ڪتاب پڙهندي مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ سڀئي ملتاني پنهنجي پنهنجي حصي جو ملتان ڳولڻ لاءِ نڪري پيا هجن۔ ڪتاب جي هر صفحي تي ڪو نه ڪو ملتاني رقص ڪندو نظر آيو، ۽ اسين به انهن ملتاني ماڻهن سان وک وک سان ملائي رقص ۾ شامل هئاسين.

ڊاڪٽر هارون پاشا سان سندن ڪتاب جي وسيلي اها پهرين ملاقات هئي۔ 340 صفحن واري ڪتاب جا 200 صفحا پڙهي چڪو هوس، سو ائين چئجي ته اڃا اڌوري ملاقات ٿي آهي، پر آھي ڏاڍي شاندار ملاقات. ۽ ڇو نه هجي؟ آخر ته اھا هڪ ملتانيءَ جي ٻئي ملتانيءَ سان ملاقات آهي، جيڪا اڃا اڌوري آهي۔

هن اڌوري ملاقات به ڍئو ڪرائي ڇڏيو۔ ھي طالبعلم، صاحبِ ڪتاب سان گڏ ملتان جي قديم پاڙن، گهٽين ۽ نئين آبادين ۾ گهمندو رهيو۔

مون کي ملتان جي قديم پاڙن ۽ گهٽين ۾ گهمڻ ڏاڍو وڻندو آهي، بلڪه ائين چئجي ته انهن پراڻن پاڙن ۽ گهٽين ۾ گهمندي تاريخ سان ملاقات ٿي ويندي آهي۔ ملتان جي تاريخ سان ملاقات. اهو رڳو منهنجو احساس يا راءِ ناهي، هر اهو ملتاني – جيڪو پنهنجي شهر جي ڳولھا ۽ ڦولھا ۾ نڪري ٿو، سو پنهنجن وڏڙن سان گڏ تاريخ سان به ضرور ملي ٿو۔ شرط فقط اهو آهي ته هو ملتاني بڻجي ملتان جي تلاش ۾ نڪري۔

اسان جو اڀاڳ اهو آهي ته هاڻي اسين شهر ۽ تاريخ جي قدامت کي پنهنجي مذهب ۽ عقيدي جي اک سان ڏسڻ لڳا آهيون ۽ تعصب جي ساھميء ۾ تورڻ لڳا آهيون، جڏهن⁠ تہ تاريخ ۽ شهر جو ڪو مذهب يا عقيدو نه هوندو آهي۔

ملتان هڪ قديم شهر آهي۔ پنهنجي تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا اجڙيو، وري آباد ٿيو ۽ وري وسندو رهيو۔ اهو ئي شهر آهي، جتي فاتحِ عالم سڪندرِ اعظم تير لڳڻ سبب زخمي ٿيو، ۽ اهو ئي زخم سندس موت جو سبب بڻيو۔ سڪندرِ اعظم کي تير لڳڻ جي ملتان تمام وڏي قيمت ادا ڪئي، پر ڇا ڪجي، جڏهن به ڪو حملي آور دنيا جي لالچ ۾ ڪنهن علائقي تي ڪاهه ڪندو آهي ته ان جي قيمت ٻنهي کي ادا ڪرڻي پوندي آهي ــ حملي آور لشڪر کي به، ۽ جنهن علائقي تي حملو ٿئي، ان جي رهواسين کي به۔

اسان جي ملتان ۽ ملتاني ماڻهن تاريخ ۾ زنده رهڻ، جيئڻ ۽ وسڻ جي هميشه وڏي قيمت ادا ڪئي آهي۔ آخري حملي آور انگريز بهادر هو۔ ملتاني ماڻهن سندس فوج سان به جنگ ڪئي ۽ دليريءَ سان ڪئي۔ ان کان اڳ اسان جي ملتاني وڏڙن محمود غزنوي ۽ رنجيت سنگهه جي مقابلي ۾ به جيڪا بهادري ڏيکاري، اها ملتان جي تاريخ جو حصو آهي۔ اسين ملتاني پنهنجي تاريخ تي شرمنده ناهيون، بلڪه ان تي فخر ٿا ڪريون۔ فخر ان ڳالهه تي به آهي ته جيڪڏهن ڪڏهن شڪست به ٿي، ته هر دور جا ملتاني نئين عزم سان اٿي بيٺا ۽ ٻيهر تعمير ۾ جنبي ويا۔ اڄ جيڪڏهن ملتان ۽ ملتاني زنده آهن، ته ان جو سبب اهو ئي آهي ته هو اڳتي وڌڻ، جيئڻ ۽ آباد رهڻ جي جذبن جي دولت سان مالا مال آهن.

ها، اسان ملتاني ماڻهن لاءِ گڏيل شرمندگي ۽ ندامت جو هڪ پهلو اهو به آهي ته ڪجهه پرمتڙين ماڻهن بابري مسجد جي بدلي ۾ “دانش ڪده پرهلاد” کي ڊاهي مسمار ڪري ڇڏيو۔ دانش ڪده پرهلاد ملتان جي تاريخ جو عنوان هو ۽ رهندو۔ پر جڏهن کان انهن پرمتڙين ماڻهن ان کي ڊاهي ڇڏيو آهي، تڏهن کان ملتان ۽ تاريخ ٻئي”سسيءَ ريءَ  سرير” بڻيل آھن. بهرحال، اسين ملتان جا شيدائي ان آس تي زنده آهيون ته اهو وقت ضرور ايندو، جڏهن خود ملتان واسي پنهنجي هٿن سان پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ جي زنده نشاني، “دانش ڪده پرهلاد” کي ٻيهر تعمير ڪندا۔ ڇاڪاڻ⁠ تہ اسان ملتاني ماڻهن لاءِ ملتان ئي اسان جو ڪل جهان آهي، ۽ “دانش ڪده پرهلاد” اسان جي تاريخ جي زنده سڃاڻپ۔