| ملتان سکر موٽروي تي ڀونگ انٽرچينج جي تعمير واري رٿا بابت جاچ جو حڪم: ڪميشن مقرر ڪرڻ جو فيصلو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملتان سکر موٽروي تي ڀونگ انٽرچينج جي تعمير بابت اهم حڪم جاري ڪندي منصوبي جي جاچ لاءِ ڪميشن مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس محمد آصف ڪيس جي ٻڌڻي دوران حڪم ڏنو ته ڪميشن تعميراتي هنڌ جو دورو ڪري ڪم جي پيش رفت جو جائزو وٺي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) کان پڻ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل وقار رانا موقف اختيار ڪيو ته موجوده بجيٽ ۾ منصوبي لاءِ رڳو 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن ۽ گذريل چئن سالن کان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته تعميراتي ڪم جاري آهي، پر ٺيڪيدار جا بل ادا نٿا ڪيا وڃن، تنهن ڪري اين ايڇ اي کي ڪافي فنڊ فراهم ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي. جسٽس محمد آصف اين ايڇ اي تي ناراضگي جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته توهان هي ڪم ڇو نٿا ڪرڻ چاهيو، اين ايڇ اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته منصوبي تي 65 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ڪنهن به ٺيڪيدار جو بل رهيل ناهي، گذريل سال منصوبي لاءِ 400 ملين رپيا مليا هئا، جڏهن ته هن سال 1.1 ارب رپين جي گهر ڪئي وئي آهي. رستو تيار ٿي چڪو آهي ۽ تعميراتي ڪم جاري آهي. درخواستگذار جي وڪيل وري موقف اختيار ڪيو ته منصوبو ڊسمبر 2023ع ۾ شروع ٿيو هو.اين ايڇ اي جي وڪيل چيو ته منصوبو آڪٽوبر 2024ع ۾ شروع ٿيو ۽ شيڊيول موجب هلي رهيو آهي. پلاننگ ڊويزن جي نمائندن عدالت کي ٻڌايو ته رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، فنڊ جاري ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي ڪم ڪرائڻ اين ايڇ اي جي ذميواري آهي. عدالت اين ايڇ اي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.