ملتان مان شاهه محمود قريشيءَ جا نامزدگي ڪاغذ رد، پشاور مان اسد قيصر جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار
جنوري 6, 2024
ملتان مان شاهه محمود قريشيءَ جا نامزدگي ڪاغذ رد، پشاور مان اسد قيصر جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار، ملتان جي اپيلٽ ٽربيونل پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا، اپيلٽ ٽربيونل جي جج سردار محمد سرفراز ڊوگر شاهه محمود قريشي جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته شاهه محمود قريشي جي حلفي بيان تي اصل صحيح نه هئڻ ڪري سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪجن ٿا، شاهه محمود قريشي طرفان اين اي 150، 151 ۽ پي پي 218 ۽ 219 تي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيلون داخل ڪيون ويون هيون، جن کي ٽربيونل رد ڪري ڇڏيو، شاهه محمود قريشي جي ڌيءُ مهربانو ۽ پٽ زين قريشيءَ جون اپيلون منظور، پشاور ٽربيونل ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جي اپيل تي ٻڌڻي، اليڪشن ٽربيونل اسد قيصر جي اپيل منظور ڪندي سندس نامزدگي ڪاغذن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو