ملنگا جو رڪارڊ ٽُٽي ويو، انڊونيشين بالر گيدي پريانڊانا نئين تاريخ لکي ڇڏي

بالي(اسپورٽس نيوز) انڊونيشيا جي 28 ورهين جي فاسٽ بالر گيدي پريانڊانا انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ انوکو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.گيدي پريانڊانا بالي ۾ ڪيمبوڊيا خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران هڪ ئي اوور ۾ 5 وڪيٽون وٺي اِهو ڪارنامو انجام ڏنو. اِهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن ڪنهن به مرد يا عورت ڪرڪيٽر طرفان انٽرنيشنل ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ هڪ ئي اوور ۾ 5 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن. واضح رهي ته انڊونيشيا جي 168 رنس جي هدف جي جواب ۾ ڪيمبوڊيا جي ٽيم 15 اوور جي پڄاڻي تي 106 رنس تي 5 وڪيٽون وڃائي چڪي هئي،

 ان موقعي تي پنهنجو پهريون اوور ڪندي پريانڊانا شروعاتي ٽن بالن تي لڳاتار وڪيٽون وٺي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي. ان کان پوءِ هڪ بال ڊاٽ ٿيو ۽ پوءِ هن وڌيڪ ٻن بيٽرن کي پويلين ڀيڙو ڪري پنهنجي ٽيم کي فاتح بڻايو. ڪيمبوڊيا جي ٽيم سندس اوور ۾ صرف هڪ رنس اسڪور ڪري سگهي ۽ 60 رنسن تان ميچ هارائي وئي واضح رهي ته علائقائي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ان کان اڳ ٻه ڀيرا هڪ اوور ۾ پنج وڪيٽن جو ڪارنامو انجام ڏنو ويو آهي. ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ هڪ اوور ۾ چار وڪيٽون وٺڻ جا 14 واقعا ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ لاسٿ ملنگا جو 2019ع ۾ نيوزيلينڊ خلاف چئن بالن تي مسلسل چار وڪيٽون وٺڻ سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي.