ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران صوبائي سليڪشن بورڊ ون جي منظوري کانپوءِ ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
چيف سيڪريٽري سنڌ جي منظوري بعد 18هين ۽ 19هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ ڪامورن جي پروموشن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا
صوبائي سيڪريٽريٽ سروس (پي ايس ايس) جي 7 ڪامورن کي 19هين گريڊ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري واري عهدي تي ترقي ڏني وئي
ابراهيم ميمڻ، حفيظ چنا سميت 7 ڪامورن کي پڻ 19هين گريڊ ۾ ترقي ملي وئي، صوبائي سيڪريٽريٽ سروس جا 13 سيڪشن آفيسر ترقيون ماڻي ڊپٽي سيڪريٽري ٿي ويا
ملوڪ جکرو، حسين يوسفزئي، شاهد اعظم، ديال داس کي ڊپٽي سيڪريٽري طور ترقي ڏني وئي