ملير، ڪنڌڪوٽ، مورو، فيض گنج ۽ ٻين هنڌ ڌرڻا ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس مظاهرين تي ڪڙڪي پئي، ڪيمپون پٽي ڇڏيون: فائرنگ ۽ چڪريون: ڪيترائي زخمي
اپريل 28, 2025
ملير (رپورٽ: ناز شر) ملير لنڪ روڊ تي لڳل ڌرڻي تي پوليس جي اٽالن جي چڙھائي، روڊ تي لڳل ٽينٽ ڊاھي پٽ، پوليس ۽ مظاھرين ۾ چڪريون، شيلنگ، ھوائي فائرنگ: پوليس موبائل کي باهه، مزاحمت تي وڪيل اڳواڻ سميت 3 زخمي، 10 کان وڌيڪ گرفتار، 150 کان وڌيڪ مظاھرين مٿان دھشتگردي جو ڪيس داخل، ان ڏس ۾ سنڌو درياءَ مٿان تڪراري ڪئنالن جي اڏاوت خلاف سنڌ بار ۽ ڪراچي بار جي سڏ تي ملير لنڪ روڊ تي هنيل ڌرڻي تي ڪالھھ صبح جو پوليس اٽالن چڙھائي ڪري وڪيلن ۽ قومپرست ڪارڪنن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس پاران روڊ تي لڳل ٽينٽ پٽڻ تي پوليس ۽ وڪيلن ۾ منھن ماري بعد جھيڙو ٿي پيو، پوليس وڪيلن ۽ قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس چڙهائي جي اطلاع تي ملير بار جي صدر ارشاد شر سميت سوين وڪيل ۽ قومپرست ڪارڪن ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ويا، مظاھرين لنڪ روڊ تي ٻيهر ر ٽينٽ لڳائي ڌرڻو ھنيو، پوليس جي وڏي نفري جي ٻيھر ڌرڻي واري ھنڌ پھچڻ تي وڪيلن ۽ ڪارڪنن پاران نعريبازي ڪئي وئي، انھيءَ دوران پوليس ۽ وڪيلن ۾ چڪريون ٿيون، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي پھچڻ تي پوليس ڀڄڻ تي مجبور ٿي وئي، بعد ۾ ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي ٽيهر پوليس جي وڏن اٽالن سان ڌرڻي واري ھنڌ پھتو، جنھن بعد پوليس مظاھرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ آنسو گئس جو استعمال ڪيو،ڪارڪنن پاران شيلنگ باوجود اڳتي وڌڻ تي پوليس پاران ھوائي فائرنگ ڪئي وئي، مڇريل ڪارڪن ڏنڊن سان پوليس مٿان ڪڙڪي پيا، انھيءَ دوران پوليس ڪارڪنن کي گرفتار ڪري موبائل ۾ وجھي کڻي وئي، پوليس ڪاررواين سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، چڪرين ۾ وڪيل اڳواڻ ذيشان آرائين ۽ 2 سپاهي زخمي ٿي پيا، پوليس چڙهائي جي اطلاعن تي قومي عوامي تحريڪ جو سربراھه اياز لطيف پليجو، جي يو آءِ (ف)، ايس ٽي پي، جسقم، جيئي سنڌ محاذ، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ سميت مختلف سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي تعداد ۾ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ويا.
ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ ۾ 7 ڏينهن کان گولا موڙ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي سبب پنجاب جو رستو بند، پوليس ڌرڻي ۾ ويٺل اڳواڻن مٿان ڪڙڪي پئي، آنسو گيس ۽ ڇتي هوائي فائرنگ،ڪيترائي ماڻهو بيهوش،وڪيل اتحاد ۽ آل پارٽيز موومينٽ طرفان روڊ تي ڪئمپ قائم کي ختم ڪرڻ لاءِ رات دير سان پوليس ڪئمپ پٽڻ لاءِ آنسو گيس جي شيلنگ ۽ فائرنگ ڪئي، جنهن سبب ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ڊسٽرڪٽ بار جو صدر عبدالغني بجاراڻي،فدا مهمداڻي سميت 4 ڄڻا بيھوش ٿي ويا، پر وڪيلن قوم پرستن پوليس جي تشدد کان بي خوف ٿي موت جو خوف دل مان ڪڍي روڊ خالي نه ڪيو ڌرڻو جاري رکيو، اڌڪلاڪ بعد وري پوليس ڌرڻي واري هنڌ تان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڇتي فائرنگ ڪئي. بعد ۾ ھزارين ماڻھن وڪيل عبدالغني بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، شعبان جکراڻي، ڊاڪٽر ميھر چند، والي ڏنو سنڌي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻي ۾ پهچي ويا. اڳواڻن چيو ته پوليس جي تشدد جي ڪري ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو، اسان پر امن احتجاج ڪري رهيا آهيون. فيض گنج ۾ مخٿلف تنظيمن پاران مهراڻ هاءِ وي تي ٻن ڏينهن کان لڳل ڌرڻي تي مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايس پي خيرپور جي اڳواڻي ۾ چڙهائي ڪري مظاهرين تي ڪڙڪي پئي ۽ فائرنگ ۽ شيلنگ ڪري لٺبازي ڪئي، جنهن دوران روڊ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس زبردستي روڊ کولرائي ڇڏيو، جڏهن ته پوليس صحافين کي به نه بخشيو، موبائيل فون به ڦر ڪري ورتا، پوليس چڙهائي دوران ڪامريڊ مرتضيٰ شر ۽ ٻين کي گرفتاري ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، پوليس ڪارروائي خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي پڪا چانگ شهر ۾ مڪمل طور تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته ٻيهر سوين ماڻهن مهراڻ هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو، هوڏانهن پوليس ڪارروائي بعد علائقي جون سماجي اڳواڻ عورتون به گهران نڪري آيون، ڌرڻي ۾ اڳوڻو ايم پي اي ۽ جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ قافلي جي صورت ۾ پهتو، جڏهن ته ڌرڻي ۾ گونگن جو قافلو فاروق شر جي اڳواڻي ۾ پڻ پنتو، مورو ۾ قومي شاهراهه تي قومپرستن ۽ شاگردن جي ھنيل ڌرڻي واري ھنڌ پوليس پھچي وئي، جتي هن ڌرڻو ھڻندڙن کي ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي پر اڳواڻن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻانڌي ۾ مهراڻ هاءِ وي تي ايڊوڪيٽ زاھد جمالي، مفتي افتخار عباسي، فيصل عزيز جمالي جي اڳواڻي ۾ لڳل درڻي کي پوليس پاران ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته چڪريون شروع ٿي ويون مظاهرين ڌرڻو ختم نه ڪيو، روڊ بند ٿيڻ سبب گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون، ٽنڊي ڄام ۾ وڪيلن عبدالرزاق ڏهر، جنيد سمورو، مبشر علي سميت ٻين پاران حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هنيون ويو، ٽنڊوڄام سميت ڀرپاسي جي مخلتف ٿاڻن جي نفري لاٺي چارج جي ارادي سان پهتي ، جڏھن ته وڪيلن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ سخت چڪرين ۽ ڏند چڪ واري صورتحال پيدا ٿئي وئي، جڏھن ته هڪ ڪلاڪ جي ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل رهي، هڪ ڪلاڪ بعد وڪيلن جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوڄام کان ٻٻرلو لاءِ قافلو روانو ڪيو ويو، هالا ۾ مٽياري بار ايسوسيئشن جي وڪيل اڳواڻن پاران ھالا قومي شاھراھ بند ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ھالا پوليس جا اٽالا ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ويا ڇڪتاڻ واري صورحال رھي، قومي شاھراھ بند ٿيڻ سبب گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون، مظاھرين مٽياري بار جي جنرل سيڪريٽري يوسف ڪلھوڙو، فنانس سيڪريٽري منير احمد ڳاھوٺي، ايڊووڪيٽ شيرمحمد ڏاھري،ھمير ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھالا قومي شاھرار ٻنھين طرفن کان بند ڪري سخت نعريبازي ڪئي .صالح پٽ ۾ لڳل احتجاجي ڪئمپ تي پوليس چڙهائي ڪري قومي ڪارڪنن ۽ وڪيلن تي وحشياڻو تشدد ڪيو، ڪارروائي دوران پوليس وڪيل اياز بهڻ، فياض بهڻ سميت ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا، جڏهن ته ڪيمپ ۾ رکيل سامان کڻڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي، وڪيلن ۽ قومي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته ايس ايچ او صالح پٽ احتجاجي ڪئمپ کي زبردستي هٽائڻ لاءِ رات جي اونداهي ۾ چڙهائي ڪئي ۽ اسان کي ڊيڄاري ڌمڪائي رهيو آهي،
ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ لڳل ڌرڻن تي پوليس جي تشدد کانپوءِ احتجاج شدت اختيار ڪري ويو، سنڌ پنجاب دنگ ڪمون شهيد تي جاري ڌرڻي عوام جو سمنڊ اٿلي پيو، وڪيل اڳواڻن سميت سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست اڳواڻ شريڪ، مورو ۾ شاگردن جو قومي شاهراهه تي ٽائر ساڙي ڌرڻو، پوليس خلاف نعريبازي، حيدرآباد باءِ پاس تي وڪيلن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ پهچي ٻنهي پاسي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، گاڏين جي اچ وڃ معطل، ڄامشورو واسي روڊن تي نڪري آيا، ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪراچي حيدرآباد ايم نائن موٽروي بلاڪ، فيض گنج جي مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻي ۾ يڪجهتي لاءِ وڏي انگ ۾ شهري پهچي ويا، پوليس خلاف نعريبازي، شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي پوليس ۽ ڪئنالن خلاف نعرا، اڳواڻن چيو آهي ته پوليس جي تشدد کان هو ڊڄڻ وارا ناهن، ڪئنال رٿا فوري رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پيو، سياسي سماجي، مذهبي، قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، عورتون ۽ ٻارڙا به شريڪ، درياهه تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور جي نعرن جي گونج، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان قافلن جي آمد جو سلسلو جاري، ڌرڻي کي خطاب ڪندي عامر وڙائچ چيو آهي ته حڪومت ڪئنال رٿا ختم نه پئي ڪري، جيستائين نوٽيفڪيشن نه ملندو، ڌرڻا جاري رهندا، سنڌو درياهه سنڌ جي سڃاڻپ آهي، درياهه تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، حڪومت کي ٽيون ڀيرو ڏنل مهلت ختم ٿيڻ بعد آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس، اهم فيصلن جو امڪان، وڪيل اڳواڻن چتاءُ ڏنو هو ته نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته ريلوي ٽريڪ بند ڪيا ويندا