ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير مان کنڀيل پيءُ ۽ پٽ جي منشيات ڪيس ۾ رحيم يار خان جيل ۾ موجودگي ظاهر،
ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٺاڻ زهراڻي ۽ سندس پٽ عرفان زهراڻي جي گمشدگي خلاف سندس زال جي درخواست جي ٻڌڻي دوران پوليس رپورٽ پيش ڪئي، پوليس موجب پٺاڻ زهراڻي ۽ سندس پٽ عرفان زهراڻي رحيم يار خان جيل ۾ قيد آهن،
ڪوٽ سبزل ٿاڻي تي پيءُ پٽ خلاف منشيات جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، عدالت ٻنهي پيءُ پٽ جي گمشدگي خلاف داخل درخواست اڪلائي ڇڏي، واضح رهي ته درخواستگذار جو چوڻ هو ته عرفان زهراڻي 31 جنوري 2023ع ۽ عرفان جو پيءُ پٺاڻ زهراڻي 3 سالن کان گم آهي،
عرفان زهراڻي پنهنجي گم ٿيل پيءُ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪري رهيو هو ته کيس کنڀي گم ڪيو ويو هو، عرفان جي امڙ عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ ۽ مڙس کي بازياب ڪرايو وڃي.