ملير: افغاني هٿان قتل ٿيل زاهد ميراڻي سپردخاڪ: بچت بازارن تي بندش: مهلت ختم

ڊسمبر 13, 2024

ملير (رپورٽ: ناز شر ) ملير ۾ افغاني هٿان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي: گلشن حديد ۾ بچت بازارن تي پابندي: پوليس کي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڏنل ملهت سڀاڻي ختم، ان ڏس ۾گلشن حديد جي بچت بازار ۾ اسٽال لڳائڻ تان افغاني هٿان ڇرا هڻي قتل ڪيل نوجوان زاهد ميراڻي جي جنازي نماز پپري جي فوٽ بال گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مسرور سيال، پ پ ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، جسقم اڳواڻ انعام سيال، يوسي چيئرمين ڊاڪٽر عظمت لنڊ سميت سوين شهرين شرڪت ڪئي، مقتول جي مڙهه کي اسٽيل ٽائون واري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، آخري رسمن وقت اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ گلشن حديد، پپري، شاهه ٽائون، اسٽيل ٽائون جي مک رستن تي پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا مقررڪيا ويا هئا، ٻئي طرف ملير جي ڊپٽي ڪمشنر گلشن حديد ۾ لڳندڙ اربع، جمعي ۽ سومر بازارن جا اجازت ناما معطل ڪري ڇڏيا، جنهن بعد پوليس اربع بازار مان  ٽينٽ، ٽيبلون ۽ ٻيو سامان کڻائي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي زاهد ميراڻي جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي هن چيو ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ ملير انتظاميه کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏني آهي، سڀاڻي تائين قاتل گرفتار نه ٿيا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، جڏهن ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو، هن چيو ته سنڌي ماڻهن کي ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي ته جيئن اُهي روزگار سانگي ڪراچي نه اچن، ٻئي پاسي ايس ايس پي جاچ سيد سليم شاهه پپري پهچي مقتول جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي هن چيو ته ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي جاچ بن قاسم جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي آهي، قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

Leave A Comment