ملير ايجوڪيشن سٽي: ترقي يا ڪارپوريٽ قبضي جو نئون ماڊل؟ … حسن پٺاڻ

                 ڪراچيءَ جي ملير ۾ “ايجوڪيشن سٽي” جي نالي تي قديم سنڌي ڳوٺن ۽ ورهين کان آباد مقامي ماڻهن جي رهائشي وسندين کي ڊاهي بي گهر ڪرڻ خلاف ملير واسي سراپا احتجاج بڻيل آهن. تعليم لاءِ جديد ۽ منظم شهر يا ادارا قائم ڪرڻ يقيناً هڪ مثبت قدم آهي، ۽ اهڙن منصوبن جي مخالفت نه ٿي ڪري سگهجي، پر جيڪڏهن تعليم جي نالي تي صدين کان آباد ڳوٺ، ماڻهن جا اباڻا گهر، باغ ۽ خانداني مورثي زمينون هڙپ ڪيون وڃن ته پوءِ ان منصوبي جي مقصد ۽ طريقيڪار بابت ملير واسي ڳوٺاڻن جو احتجاج فطري ڳالهه آهي. ملير جي موجوده آباديءَ ۾ ڪيترائي اهڙا ڳوٺ شامل آهن، جيڪي سوين سالن کان آباد آهن. انهن ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو ڪي ٻاهران آيل آبادڪار نه، پر پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڌرتيءَ تي ڪيترين ئي پيڙهين کان رهائش پذير آهن. سندن گهر، زمينون، باغ ۽ وسنديون رڳو مورثي ملڪيت نه، پر سندن تاريخ، سڃاڻپ ۽ اجتماعي يادگيريءَ جو حصو آهن.

                 گذريل ٻن ڏينهن کان ملير ضلعي جي گڏاپ ٽائون، ديهه چوهڙ ۾ قائم قديمي فقير محمد بلوچ ڳوٺ ۾ مبينا طور ايجوڪيشن سٽي انتظاميا ۽ پوليس ڏينهن ڏٺي ۽ آڌيءَ رات جو ڳوٺ ڊاهڻ واري عمل دوران بي رحمي ۽ سفاڪيءَ سان گهرن، باغن، فارم هائوس ۽ مسجد کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ ڪارروايون ڪيون. ان واقعي مقامي ماڻهن ۾ سخت ڳڻتي پيدا ڪئي آهي. جنهن خلاف ڳوٺاڻا لڳاتار ٻن ڏينهن کان احتجاج پڻ ڪري رهيا آهن.

ڪراچي جي ملير جا علائقي واسي ملير ايجوڪيشن سٽي واري منصوبي کي زمينن تي والار سمجهي رهيا آهن ۽ ان خلاف مختلف وقتن تي احتجاج ڪندا رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت “ملير ايجوڪيشن سٽي” منصوبي کي سنڌ جي تاريخ جو “سنگ ميل” قرار ڏئي رهي آهي، جيڪو سندن چوڻ موجب ملڪ جو سڀ کان وڏو اسپيشل ٽيڪنالاجي زون ثابت ٿيندو، جتي عالمي سطح تي قابل تجديد توانائي، توانائي ذخيرو ڪرڻ، ۽ جديد صنعتي شراڪت جا منصوبا شروع ٿيندا. پر جڏهن حڪومتي بيانن ۽ عملي حقيقتن جي وچ ۾ وڏو فرق ڏسون ٿا، تڏهن اهو ترقي جو تصور نه پر زمينن جي منتقلي ۽ ڪارپوريٽ مفادن جي حڪمت عمليءَ جو منظر نامو لڳي ٿو. ايجوڪيشن سٽي جو تصور پهريون ڀيرو 2004ع ۾ سنڌ حڪومت پاران پيش ڪيو ويو، جنهن جو مقصد بين الاقوامي معيار جون يونيورسٽيون، ريسرچ سينٽر ۽ علمي ادارا هڪ گڏيل ڪيمپس ۾ قائم ڪرڻ هو. ابتدائي طور 8 هزار ايڪڙ زمين ملير جي علائقن چوھڙ، ڪوٽيرڙو، آبدار ۽ ڀرپاسي جي ديهن ۾ رکيل ٻڌائي وئي هئي۔ اهو تصور ڪاغذن ۾ تعليم ۽ سائنسي ترقيءَ جي علامت هو، پر وقت سان گڏ اهو منصوبو تعليم بدران زمين ۽ وسيلن جي حڪومتي ڪنٽرول ۽ ڪارپوريٽ قبضي جو اوزار بڻجي ويو. 2025ع ۾ سنڌ حڪومت جي لينڊ يوٽيلائيزيشن ڊپارٽمينٽ هڪ سمري منظور ڪري ايجوڪيشن سٽي لاءِ 10 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين الاٽ ڪئي، جيڪا ديھ ڪوٽيرڙو، ڊانڊو، جوريجي، آبدار، اميلانو ۽ چوھڙ ۾ پکڙيل آهي. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته سمري ۾ ڳوٺن، قبرستانن يا گرين بيلٽن جو ذڪر ئي ناهي، جيتوڻيڪ انهن علائقن ۾ ڇهه درجن کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ زرعي زمينون موجود آهن۔ وزيراعليٰ جي هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾، ميڪو AG (سوئيٽزرلينڊ جي توانائي ڪمپني) سان معاهدو ڪيو ويو ته ايجوڪيشن سٽي ۾ قابل تجديد توانائيءَ جو پلانٽ قائم ڪيو ويندو، جنهن لاءِ لڳ ڀڳ 100 ملين يورو جي پرڏيهي سيڙپڪاري ٿيندي. اهو عمل ظاهري طور معاشي استحڪام جو اشارو ٿو ڏئي، پر حقيقت ۾ سنڌ حڪومت، STZA اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين جي سربراهيءَ هيٺ ايجوڪيشن سٽي بورڊ جو اهو اتحاد هڪ نئين ڪارپوريٽ- رياستي ڳٺ جوڙ جو مظاهرو آهي، جنهن ۾ ملير جي زمين ۽ مقامي وسيلن کي مارڪيٽ جي ضابطن ۾ بدلائي ترقياتي منصوبي جي نالي سان جواز ڏنو پيو وڃي. حڪومت جي دليل موجب، اهو منصوبو نوڪريون پيدا ڪندو، ٽيڪنالاجي منتقل ڪندو ۽ پاڪستان کي صاف توانائيءَ ۾ اڳتي وڌائيندو، پر اهي دليل ساڳيا آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ نيلام ٿيندڙ عوامي زمينن ۽ صنعتن لاءِ به ڏنا ويندا رهيا آهن. نتيجي ۾ نه مقامي ماڻهن کي فائدو ٿيو، نه ماحول محفوظ رهيو.

ديهه آبدار ۾ 1300 ايڪڙ زمين بابت جوکيا ۽ سالار قبيلي جي ماڻهن ۽ بلڊرن جي وچ ۾ اڳ ئي تڪرار موجود آهي. زميندارن جو الزام آهي ته ڪجهه بااثر بلڊرن ۽ سياستدانن، اهو منصوبو اڳتي وڌائڻ لاءِ تعليمي منصوبي جو ويس ڍڪيو آهي، ته جيئن ليز گرانٽ پاليسيءَ جي پابنديءَ کان بچي سگهجي ۽ زرعي زمينن کي گهٽ اگهه ۾ حاصل ڪري سگهجي. زميندارن جي مزاحمت تي جڏهن روينيو ڊپارٽمينٽ 26 آگسٽ 2025ع تي سروي ڪرڻ آيو ته مقامي ماڻهن ان کي روڪي ڇڏيو. هاڻي اها ئي مزاحمت عدالتي سطح تائين پهچي وئي آهي، جتي ملير جي رهواسين ۽ زميندارن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي. پر في الحال عدالت طرفان ڪو به نوٽيس جاري نه ٿيو آهي، جنهن سان مقامي برادرين ۾ بيچيني وڌي رهي آهي. ملير مان چونڊيل نمائندا، خاص طور تي ايم اين اي ۽ ايم پي اي، هن معاملي تي خاموش رهيا. علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها خاموشي سياسي اثر رسوخ سبب رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اها خاموشي سياسي اشرافيه جي هڪ پراڻي حڪمت عمليءَ کي ظاهر ڪري ٿي، عوامي مفاد جي نالي تي زمينون هٿ ڪرڻ ۽ مقامي برادرين کي سياسي وفاداريءَ ۾ بدلائڻ جو حربو رهي آهي. هاڻي جڏهن پاڻي سر مٿان گذري رهيو آهي ته ڪجهه لب ڪشائي ڪري رهيا آهن. ملير واري علائقي کي تاريخي طور “ڪراچي جو گرين بيلٽ” سڏيو ويندو آهي. شهر جي خوراڪ، ڀاڄين ۽ پاڻيءَ جو وڏو حصو هن علائقي مان ايندو هو. پر اڄ اهو علائقو تيزيءَ سان سيمينٽ، ڪنڪريٽ ۽ ريئل اسٽيٽ جي ڌنڌي ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. ايجوڪيشن سٽي جي نالي ۾ جيڪي تعميراتي زون ٺاهي رهيا آهن، اهي ماحولياتي توازن، زرعي زمين ۽ زيرِ زمين پاڻيءَ کي تباھ ڪري رهيا آهن۔ نه ڪا ماحولياتي ايجنسي (EIA) کان رپورٽ ورتي وئي آهي، نه ئي مقامي آباديءَ جي راءِ ورتي وئي آهي۔ جڏهن ته ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي، جيڪڏهن اهو ماڊل جاري رهيو ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ ڪراچي جي زرعي پيداوار 30 سيڪڙو گهٽجي ويندي، ۽ شهر کي خوراڪ لاءِ ٻين صوبن تي وڌيڪ ڀاڙڻو پوندو.

ملير ايجوڪيشن سٽي جو ماڊل ڄڻ هڪ نئين نوآبادي نظام جي تجديد آهي۔ ماضيءَ ۾ برطانوي سامراج ريوينيو ميپنگ ۽ لينڊ سيٽلمينٽ ذريعي مقامي ماڻهن جي زمينن تي قبضو ڪيو، ۽ اڄ اهو عمل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ زوننگ پلان جي جديد اصطلاحن ۾ جاري آهي۔ علم ۽ ٽيڪنالاجي جي نالي تي ملير جي زمين کي مارڪيٽ ويليو ۾ بدلائڻ، دراصل ان علائقي جي سڃاڻپ ۽ فطري ورثي جي نجڪاري آهي. تعليم هن منصوبي جو نالو آهي، پر حقيقت ۾ اهو علم کي مارڪيٽ ۽ سرمائيدار جي تابع ڪرڻ جو طريقو آهي. جتي يونيورسٽيون ۽ ريسرچ سينٽرز هوندا به ته انهن تائين پهچ صرف اشرافيا يا ڪارپوريٽ سيڪٽر تائين محدود رهندي. ملير جو عوام، خاص طور ديهه آبدار، ڪوٽيرڙو ۽ چوھڙ جا رهواسي، هاڻي عدالتن جو در کڙڪائي رهيا آهن ته زمينن، قبرستانن ۽ گرين بيلٽن جي تحفظ لاءِ عدالتي سروي ڪرائي وڃي. اهو مطالبو رڳو زميندارن جو ناهي، پر وجود، تاريخ ۽ سڃاڻپ جو آهي۔ جيڪڏهن حڪومت واقعي تعليم ۽ ترقي جي ڳالهه ڪري ٿي، ته پوءِ پهريون قدم شفافيت، عوامي صلاح مشوري ۽ ماحولياتي تحفظ هجڻ گهرجي، نه ته هي منصوبو هڪ ٻي بحريا ٽائون بڻجي ويندو ۽ ترقي جي قيمت انسان توڙي ماحول ادا ڪندو رھندو. ملير ايجوڪيشن سٽي جي ڪهاڻي تعليم کان وڌيڪ ملڪيت طاقت ۽ وسيلن جي ورڇ جي ڪهاڻي آهي. هڪ پاسي حڪومتي بيانيي ۾ نوڪرين، ٽيڪنالاجي ۽ توانائيءَ جو خواب ڏيکاريو ٿو وڃي، پر ٻئي پاسي هزارين مقامي ماڻهن جي زمين، ڳوٺ ۽ سڃاڻپ ميسارجي رهي آهي. سنڌ جي ترقيءَ لاءِ جيڪڏهن واقعي ڪا ايجوڪيشن سٽي ضروري آهي ته اها عوامي مشاورت، ماحولي احتياط ۽ مقامي شراڪت سان هجڻ گهرجي، نه ته هي منصوبو تعليمي زون نه پر هڪ نئين ڪارپوريٽ ڪالوني ثابت ٿيندو، جتي علم نه، پر مارڪيٽ ۽ مفاد حڪمراني ڪندا. تنهنڪري ملير ايجوڪيشن سٽيءَ کي نه ته بنا سوچ جي رد ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي سرڪاري اعلانن جي بنياد تي بنا سوال قبول ڪرڻ گهرجي. ان کي شفافيت، قانون، ماحوليات ۽ انساني حقن جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ گهرجي. ترقيءَ جو مقصد اهو ناهي ته ڪيترا ايڪڙ زمين منصوبي ۾ شامل ٿي يا ڪيتريون اربين رپين جون سيڙپڪاريون آيون، اصل مقصد اهو آهي ته ان ترقيءَ مان عام ماڻهوءَ جي زندگي ڪيتري بهتر ٿي، ڪيترا مقامي نوجوان اڳتي آيا، ڪيتري زرعي زمين محفوظ رهي، ڪيترا ڳوٺ پنهنجي تاريخي سڃاڻپ سان قائم رهيا ۽ ماحول کي ڪيترو بچايو ويو.

ملير کي تعليم جو شهر ضرور بڻايو وڃي، پر اهڙو شهر جيڪو ملير جي ماڻهن سان گڏ ٺهي، انهن جي دربدريءَ جو سبب نه بڻجي. اهڙو شهر جتي يونيورسٽين جون عمارتون هجن، پر انهن جي پاڇي ۾ قديم ڳوٺن جا نشان به زنده هجن، جتي ٽيڪنالاجي هجي، پر زمين ۽ پاڻيءَ جو تحفظ به هجي، جتي سيڙپڪاري هجي، پر مقامي ماڻهن جا حق به محفوظ هجن. ڇو ته علم جو شهر جيڪڏهن ماڻهن کان سندن ڌرتي کسي قائم ڪيو وڃي، ته اها علم جي فتح نه، پر ترقيءَ جي تصور جي شڪست هوندي. تنهنڪري ملير ايجوڪيشن سٽي رڳو هڪ ترقياتي منصوبو ناهي، اهو سنڌ جي مستقبل لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، ڇا اسان اهڙي ترقي چاهيون ٿا جيڪا زمين کي مارڪيٽ ۾ بدلائي، يا اهڙي ترقي جيڪا انسان، ڌرتي، ماحول ۽ علم کي گڏ کڻي هلي؟ جواب ئي طئي ڪندو ته ملير ۾ جيڪو شهر اڏبو، اهو واقعي “ايجوڪيشن سٽي” هوندو يا ترقيءَ جي نالي ۾ هڪ نئين ڪارپوريٽ ڪالوني ھوندو. جيڪڏهن ملير ايجوڪيشن سٽي سنڌ جي ترقيءَ جو سنگ ميل نه، پر مقامي ماڻهن جي بي دخلي، زرعي نظام جي تباهي ۽ ماحول جي قربانيءَ جو ڪارڻ بڻيو ته پوءِ اها تعليم نه، پر استحصال جي جديد صورت ٿيندي. هڪ اهڙي ڪارپوريٽ ڪالوني، جيڪا علم جي نالي ۾ گهر ۽ زمين کسي رهي آهي۔