ملير ايڪسپريس وي تان اڏاوتون هٽائڻ جي نالي ۾ڳوٺ ڊاهڻ جي ڪوشش: ڌرڻو: روڊ بلاڪ
نومبر 19, 2024
ملير (رپورٽ: ناز شر) ملير ايڪسپريس وي تان غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ جي نالي ۾ روينيو ۽ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جي قائدآباد ويجهو غلام محمد ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ ڪارروائي، علائقي واسين پاران مزاحمت، احتجاج، مظاهرين ڪراچي ٺٽو قومي شاهراهه کي بند ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽن ڪلاڪن تائين روڊ بند رهڻ ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون،ان ڏس ۾ روينيو عملدارن ۽ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ملير ايڪسپريس وي تان غيرقانوني اڏاوتون ڊاهڻ جي نالي ۾ قائدآباد ويجهو غلام محمد ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي، جنهن تي علائقي واسي روڊن تي نڪري آيا، ڳوٺاڻن قائدآباد پُل وٽ ڪراچي ٺٽو شاهراهه کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن نعريبازي پڻ ڪئي وئي، احتجاج سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان جا ڳوٺ سوين سال قديم آهن جن کي سهولتون ڏيڻ بدران ڊاهڻ جو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ان موقعي تي انتظاميه ۽ مظاهرين ۾ ڳالهيون ٿيون، انتظاميه پاران آپريشن روڪي علائقي واسين کي پنجن ڏينهن جي مهلت ڏني وئي، جنهن بعد ڳوٺاڻن پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو.