| ملير بار جا 2 وڪيل ماستر نڪتا: لائسنس پڻ معطل |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملير بار جا 2 وڪيل ماستر نڪتا، سنڌ بار پاران لائسنس معطل، ان ڏس ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ملير بار جي ميمبرن ايڊووڪيٽ بابر حسين ولد علي محمد شر ۽ اشتياق احمد ولد مولا بخش شر جا لائسنس معطل ڪري ڇڏيا . سنڌ بار ڪائونسل پاران جاري آرڊر موجب اسڪول ايجوڪيشن کاتي سکر جي ڊائريڪٽر تصديق ڪئي آهي ته اهي ٻئي وڪيل سکر ريجن ۾ پرائمري ٽيچر طور مقرر ٿيل آهن، اهڙي رپورٽ تي ٻنهي وڪيلن جا لائسنس معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.