| ملير جا 9 مهاڻا ڀارتي ڪوسٽ گارڊ هٿان گرفتار |
ملير (رپورٽر) ڀارتي ڪوسٽ گارڊ هٿان سمنڊ ۾ شڪار لاءِ ويل ابراهيم حيدري واسي 9 مهاڻا گرفتار، ان ڏس ۾ ڀارتي ڪوسٽ گارڊ سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار لاءِ ويل ابراهيم حيدري ۽ علي اڪبر شاھ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ 9 مهاڻن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيل مهاڻن ۾ المدينه هوڙھي جو ناکئو محمد ادريس، محمد يوسف، فريد اسلم، محمد حسين، ابراهيم، محمد شاهد، محمد يونس، محمد هارون ۽ عارف شامل آهن، هوڏانهن فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت پاران سامونڊي حدن جي نالي ۾ غريب مهاڻن کي گرفتار ڪرڻ غير انساني عمل آهي. هن چيو ته بيگناهه مهاڻن کي ترت آزاد ڪيو وڃي.