| ملير جو ايس ايچ او ڀتاخور نڪتو: پوليس چيف کان جواب طلب |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايڇ او بن قاسم پاران شهري کي هراسان ڪرڻ تان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايس ايس پي انويسٽيگيشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواستگذار جي وڪيل لياقت گبول چيو ته سندس اصيل ملير ۾ هوٽل هلائيندو آهي، 14 فيبروري تي رات جو ايس ايچ او احسان مروت هوٽل پهچي درخواستگذار کان هڪ لک رپين جو مطالبو ڪيو. پئسا ڏيڻ کان انڪار تي ايس ايچ او سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار موڪلي ڌمڪيون ڏنيون، ويتر ايس ايڇ او پاران اصيل کي چوري جي ڪوڙي ايف آءَ آر ۾ ملوث ڪري ڇڏيو،