ملير جو ٻالڪ موري مان بازياب: 2 جوابدار سوگها

ملير جو ٻالڪ موري مان بازياب: 2 جوابدار سوگها

ملير/مورو(نمائندن وٽان) ملير پوليس ۽ سي پي ايل سي جي موري ۾ ڪارروائي، ٽي ڏينهن اغوا ڪيل معصوم ٻارڙي کي بازياب ڪرائي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ملير پوليس ۽ سي پي ايل سي  موري لڳ ڳوٺ ٽپال ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي ملير جي علائقي شاھ لطيف ٽائون مان 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 3 ورهين جو معصوم ٻارڙي زين کي بازياب ڪرائي 2 جوابدارن آصف آرائين ۽ مهتاب ماڇي کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شاھ لطيف مان 3  ڏينهن اڳ گهر جي در وٽ راند ڪندڙ معصوم ٻالڪ زين کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جي بازيابي لاءِ وارثن کان2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو، واقعي جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد اي ايس پي ملير سٽي جي سربراهي ۾ ٽيم ڪامياب ڪاروائي ڪري ٻالڪ کي بازياب ڪرايو، پوليس ڪارروائي دوران ڳوٺاڻن  جي پوليس سان ڇڪتاڻ پڻ ٿي، جنھن دوران ھڪ پوليس اھلڪار اختر گجر  وردي ڦاٽڻ سان گڏ زخمي پڻ ٿي پيو.