ملير جيل مان فرار ٿيل قاتل نويد پولڪا سوگهو

ملير جيل مان فرار ٿيل قاتل نويد پولڪا سوگهو

ملير (رپورٽر) ملير جيل مان  هڪ هفتو اڳ آءِ جي جيلز جي پروگرام دوران فرار ٿيل قتل ڪيس جي قيدي سيد طاهر نويد عرف نويد پولڪا کي پوليس ۽ وفاقي انٽيليجنس ادارن لانڍي اسٽيشن ويجهو گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾پوليس ترجمان موجب طاهر عرف پولڪا 9 مئي 2026 تي ملير جيل  ۾ رٿيل تقريب دوران مهمانن جي آڙ وٺي فرار ٿي ويو هو. جوابدار کي جوهرآباد پوليس گرفتار ڪري جيل منتقل ڪيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار تي قتل  ۽ اغوا جي قلمن هيٺ ڪيس داخل ٿيل هو  پوليس موجب فرار قيدي خلاف شاهه لطيف ٽائون تي 909/2026 تحت ڪيس پڻ داخل ٿيل هو.