ملير روينيو اسڪينڊل: اي سي اي سي اعجاز هاليپوٽو، سپروائيزراعجاز سميت 13 جوابدار ضمانت تي آزاد

اپريل 16, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير روينيو اسڪينڊل ۾گرفتار اسسٽنٽ ڪمشنر سميت 13 جوابدارن جي ضمانت منظور: آزاد، ا ن ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ  ملير ضلعي جي زمينن جي کاتن ۾ ردوبدل ۽ جعلسازي واري ڪيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ملير اعجاز هاليپوٽو، مختيار ڪار اسلم شر سميت 13 جوابدارن پاران  10،  10 لکن جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ تي ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 اينٽي ڪرپشن ڪورٽ پاران 4 مارچ تي ضمانت رد ڪرڻ بعد اينٽي ڪرپشن پوليس 13 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو هو، جڏهن ته ملير جي مختيارڪار اسلم شر سميت 5 جوابدار ضمانت رد ٿيڻ تي عدالت مان فرار ٿي ويا هئا

ڪالهه عدالتي حڪم بعد ملير جو اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز هاليپوٽو، سپروائيزراعجاز، تپيدار ذوالفقار لغاري، يوسي سيڪريٽري صفوران اعجاز لغاري، يو سي سيڪريٽري نيول ڪالوني شيخ ماجد جاويد، يوسي سيڪريٽري ضياءَ ڪالوني ماجد منگي، يوسي سيڪريٽري زمان آباد ڪورنگي اياز سومرو. يوسي سيڪريٽري ڊرگ ڪالوني ايم زمان خاصخيلي آزاد ٿي ويا، انهي جعلسازي ڪيس ۾ ٽوٽل 19 جوابدار نامزد آھن

نامزد جوابدارن مان 13 جوابدارن کي اينٽي ڪرپشن پوليس 4 مارچ تي گرفتار ڪري جيل اماڻيو هو، ياد رهي ته اينٽي ڪرپشن  ملير جي ڊي سي آفيس جي ڪلارڪ شبانه ڪنول کي زمينن جي کاتن ۾ ردوبدل،  جعلسازي  ۽ ھڪ ڪروڙ 14 لک 85 ھزار روپيا رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ھو

Leave A Comment