| ملير: سپر هاءِ وي تي حادثو ٻارڙي سميت 2 فوت: 5 زخمي |
ملير (رپورٽر) ملير ۾ سپر هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ وين ۾ ٽڪر، ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي، ان ڏس ۾ ڪاٺوڙ ويجهو ايم نائين موٽروي تي ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ ٽرڪ ۽ هاءِ ايس وين جي ٽڪر ۾ وين ۾ سوار 9 ورهين جي ناهيد ڌي محمد نويد ۽ 50 ورهين جو خليل احمد فوت ٿي ويا، جڏهن ته نوشين، حسن، محمد دائود، مريم، امبرين زخمي ٿي پيا، حادثي بعد وين ۽ ٽرڪ جا ڊرائيور فرار ٿي ويا، پوليس ٻنهي گاڏين کي تحويل ۾ ورتو آهي.