ملير: سچل ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو: باندي بڻايل اي ايس آءِ بازياب
نومبر 20, 2024
ملير (رپورٽر ) سچل ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل اي ايس آءِ بازياب، ايس ايچ او ۽ جاچ آفيسر طلب، ان ڏس ۾ ملير جي سيشن ڪورٽ پاران مقرر ڪيل ريڊ ڪمشنر سچل ٿاڻي تي ڇاپو هڻي 5 ڏينهن کان ناحق باندي بڻايل اي ايس آءِ عبدالرزاق بُلو کي بازياب ڪرايو، ريڊڪمشنر جي رپورٽ تي عدالت سچل ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ جاچ آفيسر کي اڄ طلب ڪري ورتو ، ان سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ خالد شر ٻڌايو ته شهري مسعود احمد بُلو ملير جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته آرام باغ ٿاڻي تي مقرر سندس چاچي اي ايس آءِ عبدالرزاق بُلوکي 15 نومبر تي سچل ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر سهيل وڳڻ ۽ اي ايس آءِ شاهزيب سندس مهراڻ ٽائون واري گهر مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ اهي چاچي جي آزادي لاءِ 50 لک رپيا گهرن پيا، سيشن ڪورٽ جي ريڊ ڪمشنر سچل ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو هڻي جاچ پوليس جي آفيس ڀرسان واقع ڪمري مان اي ايس آءِ عبدالرزاق بُلو کي بازياب ڪرايو،ڇاپي وقت جاچ پوليس وٽ گرفتاري جو ڪو به رڪارڊ موجود نه هو ، ٻئي طرف بازياب ٿيل اي ايس آءِ عبدالرزاق بُلو ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته مون تي ڪو به ڪيس ناهي، پوليس مون کي ناحق کنڀي ڪمري ۾ واڙي 50 لک گهريا هئا.