ملير : شاگرد جو شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ  جو الزام: جاچ حڪم 

ملير : شاگرد جو شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ  جو الزام: جاچ حڪم 

ڪراچي( م ڊ ) ڪراچي ۾ شاگرد ملير پوليس تي شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ  جو الزام لڳايو آهي. شاگرد حسنين دعويٰ ڪئي آهي ته سکڻ پوليس جون 3 موبائلون سندس گهر آيون، اهلڪارن کيس ٿاڻي تي آڻي 10 لک رپيا گهريا. حسنين چيو ته جبار ۽ سندس ساٿي نورا 50 هزار رپيا وٺڻ بعد کيس صبح 6 وڳي آزاد ڪيو، سندس سامان اڃا تائين ٿاڻي ۾ پيل آهي. پوليس سامان جي واپسي لاءِ وڌيڪ هڪ لک رپيا گهري رهي آهي. هوڏانهن ايس ايس پي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي ايس پي ملير کي جاچ سونپي ڇڏي آهي.