| ملير: غيرت جي نالي ۾ شڪارپور واسڻ ناري ۽ مرد ڇرا هڻي قتل: 2 سوگها |
ملير (رپورٽ: ناز شر) ملير ۾ غيرت جي نالي ۾ شڪارپور واسڻ ناري ۽ مرد ڇرا هڻي قتل، 2 سوگها، ان ڏس ۾ سکن ٿاڻي جي حد ۾ ڀينس ڪالوني جي روڊ نمبر 5 تي جوابدارن غيرت جي نالي ۾ صدر عرف شيردل ۽ عورت مسمات عيدن شرکي ڇرا هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واردات بعد جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس مقتوله جي مڙس عرفان شر ۽ ڏير وحيد کي گرفتار ڪري ورتو, پوليس موجب جوابدارن قتل جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ت هنن غيرت جي نالي ۾ عيدن ۽ صدر کي قتل ڪيو آھي، جوابدارن جو تعلق شڪارپور سان آھي .