| ملير مان موبائلن جو دڪاندار پوليس هٿان کنڀجي ويو |
ملير (رپورٽر) ملير مان دڪاندار پوليس هٿان کنڀجي ويو، ان ڏس ۾ گگهر جي علائقي ۾ موبائل ڪميونيڪيشن جومالڪ شير محمد ٻرڙو گگهر پنهنجي موبائل شاپ تان مبينا طور تي کنڀجي ويو، ان سلسلي ۾ موبائل شاپ مالڪ جي پٽ عيسيۡ ٻرڙو موجب منجهند جو هڪ وڳي پوليس موبائل ۽ ھڪ ويگو گاڏي مان چار سادا ڪپڙا پهريل ۽ نقاب پوش دڪان تي آيا، جيڪي بابا کي کنڀي گاڏي ۾کڻي ويا، بابا جو موبائل نمبر پڻ بند آهي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست پڻ ڏني آهي.