ملير مان کنڀيل عرفان زهراڻي آزادي بعد ٻيهر گرفتار:گهگهر ڦاٽڪ تي ڌرڻو

آڪٽوبر 14, 2023

ملير (رپورٽ :  نازشر ) ملير مان 8 مهينا کنڀي گم ڪيل نوجوان عرفان زهراڻي رحيم يار خان جي عدالت مان آزاد ٿيڻ بعد  ٻيهر گرفتار: وارثن جو گهگهر ڦاٽڪ تي ڌرڻو:  24 ڪلاڪن کان قومي شاهراهه بند

 ان ڏس ۾ 8 مهينا اڳ گهگهر جي علائقي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان عرفان زهراڻي جي رحيم يار خان جي عدالت مان آزادي بعد ٻيهر گرفتاري خلاف سندس امڙ ريشمه خاتون ۽ ٻين گهرڀاتين جي اڳواڻي ۾ گهگهر وٽ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو 24 ڪلاڪن کان جاري  رهيو، جنهن سبب ڪراچي ٺٽو شاهراهه مڪمل طور تي بند رهي

 ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون مسافرن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو،  انتظاميه پاران گاڏين کي مختلف روٽن کان گذاريو پي ويو

 ٻئي طرف  نوجوان عرفان زهراڻي جي امڙ ريشما خاتون ۽ ٻين چيو ته  4 سال اڳ منهنجي مڙس پٺاڻ زهراڻي کي کنڀيو ويو، والد جي آزادي لاءِ احتجاج ڪرڻ تان 8 مهينا اڳ عرفان کي کنڀيو ويو

 هن چيو ته عرفان زهراڻي جو 5 مهينن تائين ڪو ڏس پتو نه هو، 3 مهينا اڳ رحيم يار خان ۾ چرس جي ڪوڙي ڪيس ۾ ظاهر ڪيو ويو،  جنهن بعد اسان عدالتن جا مسلسل چڪر ڪاٽيندا رهياسين

هن چيو ته رحيم يار خان جي عدالت ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي عرفان کي باعزت بري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن بعد عدالت ٻاهران پوليس يونيفارم ۽ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس نامعلوم ماڻهو کيس کنڀي ويا

هن دانهيندي چيو ته اسان کي خطرو آهي ته منهنجي بيگناهه پٽ عرفان زهراڻي کي قتل ڪيو ويندو، اسان مجبور ٿي عرفان جي آزادي لاءِ ڌرڻو لڳايو آهي، جيڪو سندس آزادي تائين جاري رهندو

 اسان جو مطالبو آهي ته عرفان زهراڻي کي فوري طور تي آزاد ڪري اسان کي انصاف ڪيو وڃي

Leave A Comment