ملير مان گم ٻه نوجوان بازياب نه ٿيڻ تي ايس ايس پي ملير عدالت طلب

ملير مان گم ٻه نوجوان بازياب نه ٿيڻ تي ايس ايس پي ملير عدالت طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شاهه لطيف ٿاڻي جي حد مان گم ٿيل سرويچ سرگاڻي ۽ پرويز سرگاڻي جي بازيابي نه ٿيڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي ملير کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو،  گم ٿيل ٻن نوجوانن سرويچ ۽ پرويز جي بازيابي بابت الڳ الڳ درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت نوجوانن جي بازيابي نه ٿيڻ تي ايس ايس پي ملير کي ذاتي حيثيت ۾ ايندڙ ٻڌڻي جي 18 تاريخ تي طلب ڪري ورتو، عدالت جي آ۽ ٽي کان اڳ ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواست سرويچ سرگاڻي جي زال صائمه چيو ته سرويچ  کي 12 آگسٽ 2025 رات هڪ وڳي شاهه لطيف ٽائون مان قانون لاڳو ڪندڙ ادا جي اهلڪارن پاران گهر مان حراست ۾ ورتو ويو هو، سرويچ جي بازيابي بابت شاهه لطيف ٿاڻي تي ايف آ۽ آر به داخل ڪرائي وئي آهي، پر پوليس ڪو به تعاون ناهي ڪري رهي، ٻئي درخواستگذار صفيه چيو ته هنجي مڙس پرويز سرگاڻي کي 2 سيپٽمبر 2025 تي شاهه لطيف ٿاڻي جي حد مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حراست ۾ ورتو هيو، 4 مهينه گذري ويا آهن پر پرويز کي هن مهل تائين بازياب ناهي ڪرايو ويو، مڙس درزي آهي ۽ گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ آهي، بازياب ڪرايو وڃي، درخواستگذار جي وڪيلن پرور چانڊيو ۽ سمينه ڪنول چيو ته نوجوانن جي بازيابي نه ٿيڻ اعلي’ عملدارن جي نا اهلي آهي.