ملير (رپورٽر) پورٽ قاسم ويجهو نجي ڪمپني جي انتظاميه 30 پورهيتن کي برطرف ڪري ڇڏيو. اهڙي عمل خلاف برطرف پورهيتن آغا عملدار مهدي
جواد سومرو، شعيب ڏيرو، ذيشان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پورهيتن چيو ته اسان گذريل 3 سالن کان ڪمپني ۾ ڪم ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي رهيا هئاسين
ڪمپني انتظاميه بنا ڪنهن سبب جي اسان کي جبري نيڪالي ڏئي روزگار کسيو آهي هنن چيو ته اسان کي بحال نه ڪيو ويو ته ڪمپني جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻنداسين