| ملير: واپارين ۾ ڏيتي ليتي تڪرار: گهر تي پوليس ذريعي چڙهائي: واپاري گرفتار |
ملير (رپورٽر) ملير ۾ ٻن واپارين ۾ ڏيتي ليتي تان تڪرار: هڪ واپاري پوليس ساڻ ڪري اڳوڻي ڀائيوار جي گهر ۾ داخل ٿي گهرڀاتين کي حراسان ڪيو، واپاري چاڪر خان گرفتار، ان ڏس ۾ گلشن حديد ۾ ٻن واپارين برج لال ۽ چاڪر خان شر وچ ۾ ڏيتي ليتي جي معاملي تان واپاري چاڪر خان پوليس ساڻ وٺي برج لال جي گهر ۾ داخل ٿيو، ان موقعي تي واپاري جي زال پاران کيس ٻانهون ٻڌڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ جو ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون کي فوري طور تي ايف آءِ آر داخل ڪري واپاري چاڪر خان کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پوليس واپاري برج لال جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري واپاري چاڪر خان کي گرفتار ڪري ورتو، واپاري برج لال موجب چاڪر شر پوليس اهلڪار ۽ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس شخص سان گهر ۾ داخل ٿي چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪندي منهنجي فيملي کي هراسان ڪيو, اسان 15 مددگار تي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس ڪاروائي ڪئي، ٻئي طرف گرفتار ٿيل چاڪر خان ٻڌايو ته منهنجو برج لال سان ڏيتي ليتي جو معاملو هلندڙ آھي، منهنجا انهن ڏانهن پئسا رهيل آھن، جيڪي نه ٿا ڏنا وڃن، مون معززين کي پڻ وچ ۾ آندو، مامري جو فيصلو به ٿيو پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هن چيو ته برج لال سان منهنجو ڀائپي وارو تعلق رهيو آهي، سندس گهرواري منهنجي ڀيڻ آهي، مون ڪنهن به گهر ڀاتي کي حراسان ناهي ڪيو، ٻئي طرف ٻنهي ڌرين جي معززين پاران وچ ۾ اچڻ بعد معاملي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.