ملير: پوليس سان جهيڙيندڙ 6 وڪيلن جا لائسنس معطل: ڪارو ڪوٽ پائڻ تي به بندش: ايس ايچ او ڏوهي قرار   

ملير: پوليس سان جهيڙيندڙ 6 وڪيلن جا لائسنس معطل: ڪارو ڪوٽ پائڻ تي به بندش: ايس ايچ او ڏوهي قرار   

ملير (رپورٽ: ناز شر) سنڌ بار ڪائونسل ملير جي ٿاڻي ۾ پوليس ۽ وڪيلن جي  تڪرار تان 6 وڪيلن جا لائسنس معطل ڪري ڇڏيا،ان ڏس ۾  ملير جي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس ۽ وڪيلن ۾ جهيڙي جو سنڌ بار ڪائونسل جو نوٽيس وٺندي 6 وڪيلن جا لائسنس معطل ڪندي، ڪارو ڪوٽ پائڻ ۽ بار جي لائبريري استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، معطل ٿيل وڪيلن ۾ عتيق الرحمان جوڻيجو، عارف ابڙو، اسرار اعظم، آغا فيروز، نياز نوح پوٽو ۽ آغا اسد شامل آهن، بار جي ڪاميٽي پوليس اختيارن کي سفارش ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث ايس ايڇ او ميمڻ ڳوٺ ۽ ٻين خلاف پڻ قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي، ياد رهي ته ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ فارم هائوس جي مالڪي تان ڇڪتاڻ ٿي هئي جنهن ۾ پوليس اهلڪار ۽ وڪيل پڻ زخمي ٿيا هئا.