ملير: پپري ۾گندو پاڻي بيهڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف ريلي : ڌرڻو: قومي شاهراهه بلاڪ 

ملير: پپري ۾گندو پاڻي بيهڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف ريلي : ڌرڻو: قومي شاهراهه بلاڪ 

ملير (رپورٽر( ملير جي گڏاپ ٽائون جي پپري يونين ڪاميٽي ۾ ٽن مهينن کان سيوريج لائينن جو گندو پاڻي گهٽين ۽ روڊن تي بيهڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف شھرين پپري مک چوڪ کان  پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي، ان موقعي تي پ پ  اڳواڻ مختيار لاشاري،  منان شيخ، عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻ بلال ابڙو ۽ ٻين چيوته ٽن مهينن کان مين روڊ تي سيوريج جو پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب  ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل مين روڊ تباھ ٿي ويو آهي، يوسي پپري جي ماهوار 12 لک بجيٽ هوندي گٽرن جي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي سٿرائي کان محروم بڻيل آهيون، هنن چيو ته گٽرن جو پاڻي لائينن ۾ مڪس ٿيڻ سبب رهواسي گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، جيڪي چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،  هنن مطالبو ڪيو ته پپري ۾ کليل گٽرن جي صفائي ۽ٽٽل روڊن جي مرمت ڪرائي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي،