| ملير: ڇت ڪرڻ سبب عورت فوت: مڙس تي قتل الزام: گرفتار |
ملير (رپورٽر) ملير ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت فوت، مقتولا جي ڀاءُ جو ڀيڻوئي تي قتل جو الزام: گرفتار، ان ڏس ۾ شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ ڄام ڪنڊو ڳوٺ ويجهو گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت سيما زال اسحاق فوت ٿي وئي ، پوليس عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو، ٻئي طرف فوتڻ سيما جي ڀاءُ شهزاد پنهنجي ڀيڻوئي اسحاق تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته سندس ڀيڻ کي رات جو 11 وڳي تشدد ذريعي قتل ڪرڻ بعد صبح جو ڇت ڪرڻ وارو ڊرامو رچايو ويو آهي، هن چيو ته اسحاق ڀيڻ تي تشدد ڪرڻ سان گڏ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو ھو. پوليس مقتولا جي ڀاءُ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري اسحاق کي گرفتار ڪري ورتو.