| ملير : ڊيوٽي تان موٽندڙ عورت قتل: ٻي عورت زخمي |
ملير )رپورٽر( ملير ۾ ڊيوٽي تان موٽندڙ عورت قتل؛ ٻي عورت زخمي، ان ڏس ۾ شرافي ٿاڻي جي حد ۾ مانسهرا ڪالوني ويجهو نجي ڪمپني مان ڊيوٽي تان موٽندڙ 45 ورهين جي اسماء زال محمد هارون کي نامعلوم ملزم فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻي عورت سمائڪه زخمي ٿي پئي ايس ايڇ او شرافي موجب مقتوله ڊيوٽي تان گهر واپس وڃي رهي هئي ته اوپل ميڊيسن ڪمپني ويجهو نامعلوم ملزم فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو شروعاتي طور تي واقعو ذاتي دشمني لڳي رهيو آھي