| ملير : ڪاٺوڙ لڳ ڇتي ڪتي 4 ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو |
ملير (رپورٽر) ڪاٺوڙ لڳ حاجي ڪارو نوتاڻي ڳوٺ ۾ ڇتي ڪتي 4 ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو، زخمين ۾ عبدالله، طاھره، علي رضا ۽ ريحانه شامل آهن، وارثن پاران ٻارن کي 50 بسترن واري اسپتال گڏاپ ۾ آندو ويو، جتي ويڪسين ۽ علاج نه هجڻ سبب زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، هڪ ٻالڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. .