| ملير ڪٽ ويجهو ڪار ڪلٽي: 2 ڀائر فوت |
ملير (رپورٽر) ملير ڪٽ ويجهو ڪار ڪلٽي: 2 ڀائر فوت، ان ڏس ۾ ايم نائين موٽروي تي ملير ڪٽ ويجهو ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڀائر 28 ورهين جو سميع پٽ فيض محمد ۽ 20 ورهين جو مذڪر فوت ٿي ويا، پوليس فوتي ڀائرن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، ٻئي ڀائر ٿڏي تي فوت ٿيا