| ملير: گهران نڪتل معصوم ٻارڙي زيادتي بعد قتل، ٻوري بند لاش هٿ، شڪي سوگها |
ملير (رپورٽ: ناز شر)ملير ۾ گهران نڪتل معصوم ٻارڙيءَ جو ٻوري بند لاش هٿ: زيادتي جي تصديق: شڪي سوگها، ان ڏس ۾ قائدآباد ٿاڻي جي حد ۾ اسپتال چورنگي ويجهو مسلم آباد واري گهٽي نمبر 4 مان 3 سالن جي معصوم ٻارڙيءَ ڪلثوم ڌي قاسم جو ٻوري بند لاش ھٿ آيو، جنهن کي پوليس جناح اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب ڪلثوم منجهند 12 وڳي گم ٿي هئي، جنهن جو لاش گهر جي دروازي ڀرسان هٿ آيو، پوليس موجب ڪلثوم جي وارثن ٿاڻي تي گمشدگي بابت ڪابه رپورٽ داخل نه ڪرائي هئي، ٻئي پاسي مقتول ٻارڙي جي پيءُ محمد قاسم قائدآباد ٿاڻي تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف اغوا، زيادتي ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته آئون مسلم آباد جي گهٽي نمبر 4 ۾ زال، ڌيءَ ۽ 3 ننڍن ڀائرن سان رهندو آهيان، منهنجي 3 ورهين جي ڌي ڪلثوم منجهند جو 12 وڳي راند کيڏڻ لاءِ گهران نڪتي، 4 وڳي تائين ڪلثوم جي نه پهچڻ تي زال مون کي اطلاع ڏنو، مون ڀاءٌ کي فون ڪري ڪلثوم جي ڳولا لاءِ چيو، جڏهن ته آئون پاڻ به ڊيوٽي تان گهر پهتس، جنهن بعد آئون ڀاءُ شهزاد سان گڏ ڌيءُ جي ڳولا ۾ نڪتس، رات 7.45 تي واپسي تي منهنجي گهر ٻاهران ماڻهن جي رش لڳل ڏٺم، پاڙي وارن ٻڌايو ته اوهان جي ڌيءُ ڪلثوم بي بي کي نامعلوم ماڻهن قتل ڪري،لاش ٻوري ۾ وجهي، گهر جي دروازي وٽ ڦٽو ڪيو آهي، هوڏانهن پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ معصوم ڪلثوم بي بي کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جي تصديق ٿي آهي .ٻئي پاسي ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو مقتول ٻارڙي جي گهر پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، هن متاثر خاندان سان ملي قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي.