ملير ۽ ڀرپاسي گيس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ: شهري رستن تي نڪري آيا: مظاهرو ۽ ڌرڻو

جنوري 20, 2025

ملير (رپورٽ: ناز شر) گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف پپري واسي روڊن تي نڪري آيا، ملير پريس ڪلب آڏو چونڊيل نمائندن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ملير جي پپري ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ گئس لوڊشيڊنگ خلاف يونين ڪميٽي پپري جي وائيس چيئرمين علي محمد گبول، ڪائونسلر صلاح الدين گبول ۽ سماجي اڳواڻن مصري خان بگٽي، يعقوب حمايتي جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ملير آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو .  ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ملير پپري جي الله بخش حمايتي ڳوٺ، حاجي علي محمد جوکيو ڳوٺ، حاجي الله وسايو گبول ڳوٺ، صابو گبول ڳوٺ، مريد گبول ڳوٺ، محمدي ڪالوني، خدا بخش ڳوٺ، شاهنواز ڳوٺ، نيو الله بخش حمايتي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ گئس مڪمل بند آهي، علائقي واسي گئس نه هوندي به ڳرا بل ڀري رهيا آهن جڏهن ته ميٽر لڳل هجڻ گئس نٿي اچي ۽ لوڊشيڊنگ هجي ٿي جنهن سبب اسڪول ويندڙ ٻارڙا ۽ ڊيوٽي تي ويندڙ بنا ناشتي جي وڃن ٿا، گئس جي بندش خلاف اسان انتظاميه کي ڪيتريون ئي درخواستون ڏنيون آهن جن تي ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، هنن وزيراعظم پاڪستان، وزيراعليٰ سنڌ، سوئي صدرن گئس انتظاميه کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڳوٺن جي گئس مان لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪيو وڃي ته جيئن علائقي واسي سک جو ساهه کڻن.

Leave A Comment