| ملير ۾ ايڪتا عيد: سرن جي ڀيٽا: سنڌ جي وحدت لاءِ پاڻ ارپڻ جا اعلان |
ملير (رپورٽ: ناز شر) ملير ۾ ايڪتا عيد: پريس ڪلب جي اڱڻ تي شاندار تقريب: سياسي ۽ سماجي اڳواڻن توڙي ملير واسين جي شرڪت، ان موقعي تي ناليوارن فنڪارن استاد واحد لاشاري، گلشير چانڊيو، ڪومل ناز، سونهن لغاري، پپو جوکيو ۽ ٻين فنڪارن سر وکيري ايڪتا تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ايڪتا تقريب کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ کي ڪا به طاقت ٽوڙي نٿي سگهي سنڌ اسان لاءِ اول ۽ آخر آهي، سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي اسان جي امن واري پيغام کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد چيو ته اسان کي سنڌي ثقافت تي فخر آهي، سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به قسم جي پروپئگنڊا برداشت نه ڪئي ويندي سنڌ واسي سنڌ خلاف سازشون ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي سگهه رکن ٿا، تقريب کي عورتن جي ڀلائي واري وزير شاهينا شير علي، ايم پي ايز راجا عبدالرزاق بلوچ، يوسف مرتضيٰ بلوچ، ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر مسرور سيال ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.