ملير ۾ حادثو، عورت سميت 4 مسافر فوت، 14 کان وڌيڪ زخمي

مَي 2, 2025

ملير: گلشن حديد ڀرسان لنڪ روڊ تي سمندري بابا اسٽاپ وٽ تيز رفتاري سبب بس ڪلٽي حادثي جي نتيجي ۾ عورت سميت 4 مسافر فوت، 14کان وڌيڪ زخمي، بس هيٺان ڦاٿل مسافرن کي ڪرين وسيلي ٻاهر ڪڍيو ويو، ڪيترن ئي مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي، فوتين ۾ڪوثر زال سعيد، سرور پٽ محمد علي، فريد پٽ ياسين ۽ عبدالغفور شامل، زخمين ۾ عبدالغني، محمد افضل، ضمير،  سرداران زال ڪريم بخش، سنگهار، ڪاشف،  پري زادي زال ناصر خان ۽ ٻيا شامل بس لاڙڪاڻي کان ڪراچي اچي رهي  هئي تيز رفتاري سبب واقعو پيش آيو.

Leave A Comment