ملير ( رپورٽر) ملير ۾ ذاتي دشمني تان هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جوابدار فرار ٿي ويا
ڀينس ڪالوني جي روڊ نمبر 11 ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 45 ورهن جو مهرعلي پٽ جمن ٿڏي تي مارجي ويو جڏھن ته 40 ورهين جو شھزاد پٽ منظور حسين شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال نيو ويو
قتل ٿي ويل مهر علي جي مائٽن پوليس کي ٻڌايو ته حاجن سومرو وارن سان پراڻي دشمني آهي جنهن فائرنگ ڪري مهر علي ۽ شهزاد کي قتل ڪيو آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو دشمني جو نتيجو آهي ان حوالي سان جاچ شروع ڪئي پئي وڃي